عمران خان پارٽي چيئرمين رهندو يا نه؟ پي ٽي آءِ ۾ ڏڦيڙ

لاهور (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي نائب صدر شير افضل مروت چيو آهي ته عمران خان پارٽي اليڪشن نه وڙهندو ۽ پنهنجي جاءِ تي ڪنهن ٻئي کي پارٽي چيئرمين شپ لاءِ نامزد ڪندو پر پي ٽي آءِ ۽ شعيب شاهين ان جي ترديد ڪري ڇڏي آهي، جنهن کانپوءِ پارٽي ۾ ڏڦيڙ جي صورتحال پيدا ٿي وئي آهي.
اڊيالا جيل ۾ عمران خان سان ملاقات کانپوءِ ڳالهائيندي شير افضل مروت چيو ته توشا خانا ڪيس جي فيصلي سبب ۽ ڊسڪواليفڪيشن (نااهلي) کي ڏسندي خان صاحب آئيني ۽ قانوني طور تي پارٽي جي آفيس جي چيئرمين شپ جي چونڊ نه وڙهي سگهندو.
هن چيو خان صاحب اهو فيصلو پاڻ ڪيو آهي ۽ اهو فيصلو اتفاق راءِ سان ٿيو آهي، جيئن ئي عدالت طرفان نااهليت جو فيصلو ختم ٿيندو ته خان صاحب ٻيهر چيئرمين شپ سنڀاليندو.
هوڏانهن پي ٽي آءِ طرفان ان بيان جي ترديد ڪئي وئي آهي، شعيب شاهين سان گڏ پي ٽي آءِ جي آفيشل ٽوئيٽر هينڊل به ان جي ترديد ڪئي ۽ چيو ته اڃا تائين اهڙو ڪو فيصلو ناهي ٿيو ۽ جمعي تي عمران خان ان معاملي تي جيڪو به فيصلو هوندو ان جو اعلان ڪندو.

پر شير افضل مروت پنهنجي بيان تي قائم رهيو ۽ ايڪس تي لکيو ته مان پي ٽي آءِ جي جاري ڪيل تضاد جو جائزو ورتو آهي، مان درست ڳالهه ڪئي آهي، فيصلو علي ظفر، بئريسٽر گوهر، عمير نيازي ۽ منهنجي موجودگي ۾ ٿيو، سمجهڻ ۾ ناڪام آهيان ته ان تضاد پويان ڪير آهي ۽ گمراهه ڪندڙ بيان ڇو جاري ڪيو ويو؟ ميڊيا کي صلاح ٿو ڏيان ته جيڪڏهن برو نه مڃيو ته ڄاڻايل وڏن ماڻهن کان منهنجي بيان جي تصديق ڪيو.
شير افضل مروت ۽ تحريڪ انصاف جي تضادي بيانن تي شعيب شاهين چيو ته اها ڏڦيڙ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، پي ٽي آءِ جي آفيشل اڪائونٽ تان چيو ويو آهي ته اهڙو ڪو به فيصلو ناهي ٿيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.