ڀارت ۾ سرنگهه ۾ ڦاٿل سڀني 41 مزدورن کي 17 ڏينهن کانپوءِ ڪاميابي سان ڪڍيو ويو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست اتراکنڊ جي سرنگهه ۾ ڦاٿل سڀني 41 مزدورن کي 17 ڏينهن کانپوءِ ڪاميابي سان ڪڍيو ويو.
اتراکنڊ ۾ 17 ڏينهن اڳ لينڊ سلائيڊنگ سبب تعمير هيٺ سرنگهه ڪرڻ جو واقعو پيش آيو هو، جنهن جي نتيجي ۾ اتي ڪم ڪندڙ 41 مزدور ڦاسي پيا هئا.
ڀارتي ميڊيا موجب ريسڪيو اهلڪارن ڪيترين ئي ڏينهن کان جاري ڏکئي ترين ريسڪيو آپريشن کانپوءِ سڀني مزدورن کي ڪڍي ورتو آهي، سمورا ماڻهو محفوظ ۽ صحتمند آهن.
ميڊيا ٻڌايو ته 4.5 ڪلو ميٽر ڊگهي سرنگهه ويهڻ سان مزدور ڦاسي پيا هئا، کين پائپ ذريعي پاڻي، کاڌو ۽ دوائون پهچايون پئي ويون.
ريسڪيو آپريشن دوران ڪئميرا ذريعي مزدورن جو معائنو به ڪيو ويو، ڪئميرا ۾ واڪي ٽاڪي به لڳائي وئي، جنهن جي مدد سان مزدورن کي ڪئميرا سامهون اچڻ جو چيو ويو ۽ مزدورن سان گفتگو ڪندي جلد ٻاهر ڪڍڻ جي آٿت ڏني وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.