پاڪستاني فلم ”ڪملي“هڪ ئي وقت 3 اعزاز پنهنجي نالي ڪري ورتا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان فلم ڪملي منسڪ انٽرنيشنل فلم فيسٽيول ۾ ڌم مچائيندي ٽي ايوارڊ کٽي ورتا.
پاڪستاني فلم ڪملي بيلا روس جي سڀ کان وڏي فلمي ميلي منسڪ انٽرنيشنل فلم فيسٽيول لسٽا پيڊ ۾ بهترين اداڪار (صبا قمر)، بهترين هدايتڪار (سرمد کوسٽ) ۽ ويورز چوائس جو ايوارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتو.
اداڪارا صبا قمر انسٽاگرام اسٽوري تي هڪ ڪلپ پوسٽ ڪئي جنهن ۾ بهترين هدايتڪار جي ڪيٽيگري ايوارڊ جي اعلان کي ڏيکاريو ويو هو ۽ ان کي ڪملي لاءِ سرمد سلطان کوسٽ حاصل ڪيو هو.
اداڪارا پنهنجي انسٽاگرام اسٽوري ۾ اهو به ٻڌايو ته کوسٽ فلمز جي پيش ڪيل 2022ع جي فلم ٽن مخصوص ڪيٽيگريز ۾ ايوارڊ کٽيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.