سن ( ن ع آ ) جيئي سنڌ محاذ چيئرمين ۽ جيئي سنڌ رهبر ڪميٽي جي ڪنوينر رياض چانڊيي سن پهچي ڪارڪنن سان گڏ جي ايم سيد جي مزار تي حاضري ڀري سنڌ جي خوشحالي ۽ ٻڌي لاءِ دعائون گهريون. سنڌ لاءِ ڌاريا عذاب بڻيل آهن، جن جي ڪري سنڌ جا وارث بک ۽ بدحالي جو شڪار آهن. هن چيو ته اسان جو اتحاد 3 مهينن کان ڌارين جي نيڪالي لاءِ سراپا احتجاج بڻيل آهي. مذهبي قوتون ۽ پيپلزپارٽي ڌارين جي سرپرست آهي. پ پ ڌارين جي ووٽن تي ڪامياب ٿي سنڌ کي تباهي ڪري آهي. رياض چانڊيو چيو ته 2017 ۾ مردم شماري ۾ ڳڙهي خيرو خانپور، بنو جتوئي ۾ ايم پي اي جون سيٽون گهٽ ٿيڻ تي پيپلزپارٽي اڳواڻ نثار کهڙي چيو ته افغانن برمين بنگالين جا شناختي ڪارڊ ٺاهيون، جنهن ڪري گهٽ ٿيل سيٽون ڪراچي ۾ وڌيون. رياض چانڊيو وڌيڪ چيو ته جماعت اسلامي ۽ جي يو آءِ جا اڳواڻ سنڌ مان ڌارين جي نيڪالي جي مخالفت ڪري رهيا آهن، ڪي پي ڪي، پنجاب ۽ ڪوئيٽا توڙي ڀرپاسي ۾ ڌارين کي نيڪالي ڏني وئي آهي. رياض چانڊيي مطالبو ڪيو ته سنڌ مان ڌارين کي حقيقي نيڪالي ڏني وڃي. هن چيو 3 ڊسمبر جو ڏينهن اسان سنڌ مان ڌارين جي نيڪالي جو ڏينهن ڪري ملهائينداسون. ان موقعي تي جسم اڳواڻ اياز سولنگي، منور شاھه، رباب شاهاڻي، اياز خاصخيلي ٻيا پڻ موجود هئا.