راولپنڊي ( م ڊ ) احتساب عدالت القادر پراپرٽي ٽرسٽ ۽ 190 ملين پائونڊ ڪرپشن ڪيس ۾ عمران خان جي وڌيڪ جسماني رمانڊ جي درخواست رد ڪري ڇڏي. احتساب عدالت ۾ اڊيالا جيل ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان خلاف القادر پراپرٽي ٽرسٽ ۽ 190 ملين پائونڊ ڪرپشن ڪيس ۾ نيب ٽيم پي ٽي آءِ چيئرمين کان 23 نومبر کان 26 نومبر تائين ٿيندڙ جاچ بابت عدالت کي آگاهه ڪيو. ٻڌڻي دوران نيب ٽيم پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي وڌيڪ جسماني رمانڊ جي درخواست ڪئي، جنهن کي عدالت رد ڪندي عمران خان کي جوڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو. پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيل لطيف کوسا ميڊيا کي ٻڌايو ته نيب 25 کان 30 نقطن تي ٻڌل دستاويز پيش ڪندي جسماني رمانڊ جي درخواست ڪئي. پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته نيب وارا 10 منٽ سوال پڇن ٿا ۽ پوءِ ڪچهري ڪن ٿا.