ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ۽ جسٽس امجد علي سهتو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ گم ٿيل شهرين جي بازيابي بابت درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي، گم ٿيل ماڻهو بازياب نه ٿيڻ تي عدالت طرفان ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو، ٻڌڻي دوران جسٽس نعمت الله چيو ته گم ٿيل ماڻهن جي ڪيس ۾ جيڪو به ملوث آهي چاهي جيل سپرينٽنڊنٽ هجي ان جي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، جڏهن ته ٻڌڻي دوران پوليس گم ٿيل هڪ شهري صدام جي گرفتاري ظاهر ڪري ڇڏي، جنهن تي عدالت درخواست اڪلائي ڇڏي، عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي ڌرين کان ٻين گم ٿيل شهرين بازيابي بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.