پ پ سنڌ ۾ اقتدار باوجود گورک منصوبي ۾ بهتري نه آندي : محمد حسين محنتي

ڪراچي (رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ  جي  امير ۽ اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي چيو آهي ته پ پ جي سنڌ ۾ لاڳيتو 15 سال اقتدار ۾ رهڻ باوجود سنڌ جي سونھن ۽  واحد سياحتي مرڪز گورک هل پروجيڪٽ ۾ به بهتري نه آڻي سگهي، ڪرپشن ۽ ڪميشن سسٽم سنڌ جي هر شهر کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن سرشاهنواز لائبرري لاڙڪاڻي ۾ ٻارڙن واري شعبي پاران انعامن ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ضلعي امير قاري ابوزبير جکرو ۽ مقامي امير رميز راجا شيخ پڻ خطاب ڪيو. محمد حسين محنتي وڌيڪ چيو ته پي ڊي ايم 16 مهينن جي حڪومت ۾ سڀ جماعتون گڏ هيون، چونڊ ويجهو ايندي ئي هڪٻئي خلاف بيان بازي ڪري عوام کي بيوقوف بڻائي رهيون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.