عادل راجا ۽ حيدر مهدي کي انٽرپول ذريعي واپس آڻينداسين: جان اچڪزئي

ڪوئيٽا(م ڊ) بلوچستان جي اطلاعات واري نگران وزير جان اچڪزئي چيو آهي ته ملڪ دشمن عنصرن خلاف ڪاررواين جي شروعات ڪري ڇڏي آهي، عادل راجا ۽ حيدر مهدي هاڻي پنهنجي نالي سان گڏ پاڪ فوج جو نالو استعمال نٿا ڪري سگهن، اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو هن چيو ته ڪينڊا ۽ برطانيه کي اپيل آهي ته انهن خلاف ڪارروائي ڪن هي ڀارتي ايجنٽ آهن، هن پنهنجي ڌرتي ماءُ ۽ شهيدن سان غداري ڪئي آهي، اهي ماڻهو هاڻي پاڪ فوج جو نالو به استعمال نٿا ڪري سگهن، ٻنهي کي انٽرپول ذريعي آڻڻ جون ڪوششون ڪنداسين، جان اچڪزئي چيو ته رياست جي رٽ کي قائم ڪرڻ لاءِ غير قانوني پرڏيهين کي ڪڍيو پيو وڃي، سڄي ملڪ مان غير قانوني پرڏيهين کي چونڊي چونڊي ڪڍيو ويندو،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.