ڪراچي ( م ڊ ) مهانگائي کي ملڪ جو سڀ کان اهم مسئلو قرار ڏيڻ وارن پاڪستانين ۾ 5 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي. اپسوس پاڪستان عوامي راءِ جي بنياد تي هڪ نئون سروي جاري ڪيو. نئين سروي ۾ مهانگائي بابت اهم تبديلي جي باوجود پاڪستانين جي نظر ۾ مهانگائي جي شرح اڃا به سر فهرست آهي. مهانگائي تي 53 سيڪڙو پاڪستانين ڳڻتي جو اظهار ڪيو جڏهن ته 20 سيڪڙو بيروزگاري کي ٻيو وڏو مسئلو قرار ڏنو. سروي موجب بيروزگاري کي وڏو مسئلو سمجهندڙ ماڻهن ۾ 6 سيڪڙو واڌ ٿي آهي، جڏهن ته 5 سيڪڙو پاڪستانين ڳڻتي برقرار آهي. نئين سروي ۾ بجلي جي اگهن ۾ واڌ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندڙ پاڪستانين جو سيڪڙو گذريل سروي ۾ 13 سيڪڙو مان 9 سيڪڙو گهٽجي صرف 4 سيڪڙو تي اچي ويو آهي.