ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي ۾ گذريل هفتي دوران ڏوهن خلاف آپريشن دوران پوليس ۽ ڦورن وچ ۾ 28 مقابلا ٿيا آهن، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 6 ڦورو مارجي ويا، جڏهن ته 29 زخمين سميت 35 جوابدار گرفتار ڪيا ويا آهن جڏهن ته 36 مختلف قسمن جا غير قانوني هٿيار ۽ 15 موٽر سائيڪلون هٿ ڪيون ويون آهن. گرفتار جوابدارن وٽان 3 گاڏيون هٿ ڪيون ويون. ڪراچي پوليس ترجمان موجب پوليس گذريل هفتي ڪراچي جي اوڀر، اولهه ۽ سائوٿ زونن ۾ ڪارروايون ڪري 755 کان وڌيڪ شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو. پوليس پاران منشيات خلاف هلندڙ مهم دوران مختلف علائقن مان 52 ڪلو 321 گرام چرس، 2 ڪلو 181 گرام هيروئن، هڪ ڪلو 391 گرام آئس ڪرسٽل ۽ لکين رپين جون 48 بوتلون شراب هٿ ڪيون ويون. گرفتار اسٽريٽ ڪرمنلز وٽان شهرين کان ڦر ۽ ٻين وارداتن ۾ استعمال ٿيندڙ 123 کان وڌيڪ مختلف قسمن جا غير قانوني هٿيار ۽ بارود هٿ ڪيو ويو. ڪراچي پوليس مختلف علائقن ۾ ڪارروايون ڪندي 61 چوري ٿيل موٽرسائيڪلون ۽ 4 گاڏيون هٿ ڪري تحويل ۾ وٺي ڇڏيون. ڪراچي پوليس پاران ڏوهن جي خاتمي، امن امان جي بحالي ۽ عوام جي تحفظ لاءِ ڪيل ڪارروايون جاري رهنديون.