ڀاڻ جي ھٿرادو کوٽ پيدا ڪئي وئي آهي:ثمر حيدر جتوئي

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ ۾ ڊي اي پي ڀاڻ جي ھٿرادو کوٽ پيدا ڪئي وئي آهي جنھن سبب سنڌ جا غريب مسڪين ھاري سخت پريشان آهن  حڪومت ذخيرو ڪندڙ ڀاڻ ڊيلرن خلاف سخت ڪارروائي ڪري اھڙو اظھار سنڌ ھاري ڪاميٽي جي مرڪزي صدر ڪامريڊ ثمر حيدر جتوئي پنھجي ھڪ پريس بيان ۾ ڪندي ڪيو ھن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ ھينئر چيٽ جو فصل پوکيو ويو آهي پر سنڌ جي غريب مسڪين ھارين کي سرڪاري ريٽ تي ڊي اي پي ڀاڻ نه ملي سگھيو آهي جنھن سبب غريب مسڪين ھارين جا فصل سڪي تباھ ٿي رھيا آھن ۽ سنڌ جي زراعت کي وڏو نقصان رسڻ جو خدشو پيدا ٿي ويو آهي جڏھن ته حڪومت رڳو اعلان ڪرڻ ۾ پوري آهي پر اعلانن تي عمل ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي سنڌ ۾ ڀاڻ جي ڪابه کوٽ ناھي پر وڏن ڊيلرن پاران ڀاڻ کي ذخيرو ڪيو ويو آهي ،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.