ڪراچي ( م ڊ ) بينڪنگ ذريعن جو چوڻ آهي ته وڌندڙ مٽاسٽا جي شرح جي غير يقيني صورتحال کي نظر ۾ رکندي بئنڪون ڊالر وڪڻڻ کان لئوائي رهيون آهن جنهن ڪري درآمد ڪندڙن لاءِ ليٽر آف ڪريڊٽ (ايل سي) کولڻ مشڪل ٿي رهيو آهي. خابرو اداري جي رپورٽ موجب ڪرنسي ڊيلرز جو چوڻ آهي ته هن مهيني ڊالر جي آمد گهٽ هئي پر بئنڪون ڪوشش ڪري رهيون آهن ته وڌ کان وڌ ليڪوڊٽي برقرار رکجي، ڪرنسي مارڪيٽ ۾ ڪم ڪندڙ هڪ سينئر بينڪر عاطف احمد جو چوڻ آهي ته بئنڪ بڪينگ مارڪيٽ ۾ ڊالر وڪڻڻ کان لئوائنديون آهن، جيڪا ڊالر جي کوٽ ۽ قدر ۾ واڌ جو وڏو سبب آهي. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ۽ ناڻي واري وزارت دعويٰ ڪئي آهي ته درآمد تي ڪا به پابندي ناهي ۽ درآمد ڪندڙ ايل سيز کولڻ لاءِ آزاد آهن، پر درآمد ڪندڙ ان دعويٰ کي رد ڪن ٿا. اسٽيٽ بئنڪ جي انگن اکرن مان معلوم ٿئي ٿو ته هلندڙ مالي سال جي پهرين چئن مهينن دوران 9.7 بلين ڊالرن جي برآمدات ۾ ڪو به اضافو ناهي ٿيو.