حيدرآباد ( ويب ڊيسڪ ) عوامي تحريڪ جي مرڪزي ڪائونسل جو اجلاس مرڪزي صدر لال جروار جي صدارت هيٺ ڊي ٽين پليجو هائوس قاسم آباد حيدرآباد ۾ ٿي گذريو، اجلاس ۾ ملڪي ۽ عالمي صورتحال تي غور ويچار ڪري اهم فيصلا ڪيا ويا، اليڪشن ۾ ڀرپور حصو وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته قاسم آباد مان عمره سمون، مٺي مان اوڀايو جوڻيجو، ملير مان علي محمد ڪلمتي، گولاڙچي مان محمد علي ٽالپر، تنگواڻي مان اصغر ملڪ، ميرپور خاص مان غفار ناريجو، شهدادپور مان راڻو ڪنڊاڻي، ٽنڊو باگو مان فاضل زئور ۽ دوڙ تعلقي مان امير مغيري عوامي تحريڪ جي ٽڪيٽ تان اليڪشن وڙهندا، سمورن ضلعن جي جنرل ڪائونسلن جا اجلاس سڏائي اميداورن جي حتمي لسٽ تيار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، بحريا ٽائون کي رليف ڏيڻ واري سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي مذمت ڪئي وئي، بحرياٽائون متعلق 5 مئي 2018ع واري سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عمل ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو، عوامي تحريڪ جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته اليڪشن ۾ اقتداري ڌرين بدران عوام دوست ڌرين سان اتحاد ڪيو ويندو، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ميڊيا جي ادارن طرفان سنڌ جي ثقافت لاءِ ملهائجندڙ ڏينهن ۾ عوامي تحريڪ ڀرپور حصو وٺندي، اجلاس ۾ فيصلا ڪيو ويو ته “سنڌ جي زمينن تي قبضا بند ڪريو، سنڌ مان ڌارين کي نيڪالي ڏيو” جي عنوان سان سموري سنڌ ۾ مچ ڪچهريون ڪيون وينديون، اجلاس کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته بحريا ٽائون سنڌ جي لکين ايڪڙ زمينن تي قبضا ڪيا آهن، صدين کان آباد ڳوٺن کي سنڌ سرڪار جي سرپرستي ۾ بحريا ٽائون بلڊوز ڪري ماڻھن جي لڏ پلاڻ ڪرائي آھي ان کان پوءِ به بحريا ٽائون خلاف ڪاروائي ڇو نٿي ڪئي وڃي؟ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا بحريا ٽائون اڳيان ڇو بيوس بڻيل آهن؟ سپريم ڪورٽ جي هن فيصلي ذريعي قبضاگيري کي هٿي ڏني وئي آهي، سپريم ڪورٽ جي عملداري بينچ کي اهو اختيار ئي نه هو ته اها اڳ واري بينچ جو فيصلو تبديل ڪري پر پاڪستان ۾ هر دفعي جيان هن دفعي به عوام خلاف عدالتن کي استعمال ڪيو ويو، اجلاس نور احمد ڪاتيار، ڊاڪٽر دلدار لغاري، وسند ٿري، ستار رند، عارب جوڻجو، ايڊووڪيٽ اسماعيل خاصخيلي، ڪاشف ملاح، ايڊووڪيٽ راحيل ڀٽو، عبدالرحمنٰ سمون ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي،