ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پوليو مهم NIDs جي لياري جنرل اسپتال ۾ افتتاحي تقريب جو انعقاد ڪيو ويو، جنهن ۾ ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب ۽ ڊي سي ڏکڻ ڪيپٽن (ر) الطاف ساريو خاص مهمانن طور شرڪت ڪئي.
ڪراچي جي ميئر ۽ ڊي سي ڏکڻ تقريب ۾ آيل ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيئاريا ۽ افتتاحي تقريب ۾ پوليو کي منهن ڏيڻ لاءِ آگاهي ڏيندي اجتماعي عزم کي اجاڳر ڪيو.
تقريب ۾ ڊي ايڇ ايم ٽي ۽ ڊي اي او سي جا اهم ميمبر شريڪ هئا، ڊي ايڇ او ڊاڪٽر راج ڪمار، ڊي ڊي پي او ڊاڪٽر خالد خرم، ٽائون ڪميونيڪيشن آفيسر مسٽر عبدالحفيظ سميت لاڳاپيل آفيسر به شامل هئا، جڏهن ته ايم ايس لياري جنرل اسپتال، يوسي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين به شرڪت ڪئي.
تقريب ۾ شرڪت ڪندڙن چيو ته ڪراچي جي ميئر ۽ ڊي سي ڏکڻ جي قيادت ۾ گڏيل ڪوششون اسان جي ڪميونٽي جي صحت ۽ مستقبل جي تحفظ لاءِ هڪ اهم قدم ثابت هونديون.
ڪراچي ڏکڻ جي مختلف اسڪولن ۾ به اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ ايڊمنسٽريشن طرفان اڄ کان شروع ٿيندڙ پوليو مهم ۾ ٻارن کي ڦڙا پيئاريا ويا.
ڊي سي ڏکڻ سميت سمورا اي سيز ۽ انتظاميا پوليو جي خاتمي لاءِ مهم 100 سيڪڙو ڪامياب بڻائڻ لاءِ رات ڏينهن ڪوششن ۾ آهي.
ڊي سي ڏکڻ پوليو ٽيم ۽ ورڪرن کي سموريون سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته گڏيل جدوجهد سان ئي اسان پوليو کي پاڙئون پٽي سگهون ٿا.
هن والدين تي زور ڏنو ته اهي پنهنجي 5 سالن تائين ٻارن کي پوليو جا ڦڙا ضرور پيئارين، جڏهن ته مهم جي ڪاميابي لاءِ عوام به پنهنجو ڪردار ادا ڪري.
لياري جنرل اسپتال ۾ پوليو مهم جو افتتاح، ميئر ۽ ڊي سي ڏکڻ جي خاص مهمان طور شرڪت
You might also like