ڌرتي ڌڻين کان زمينون کسجن پيون، عسڪري قوتن کي 40 ھزار ايڪڙ زمين ڏيڻ ظلم آهي:ساڃاهه وند

حيدرآباد(رپورٽر) عوامي ورڪرز پارٽي مطالبو ڪيو آهي ته ترقي جي نالي تي ملڪ رياض, ڊي ايڇ اي ۽ ٻين هائوسنگ اسڪيمن سميت ڪارپوريٽ فارمنگ جي لاءِ سگهارن ادارن کي لکين ايڪڙ زمين ڏيڻ وارو سلسلو  بند ڪري ملڪ ۾ زرعي سڌارا آندا وڃن, 18 هين آئيني ترميم خلاف سازشون ختم ڪري پاڪستان کي گهڻ قومي ملڪ تسليم ڪندي قومن کي خودمختياري ڏني وڃي. سنڌ مان سياسي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪرڻ وارو سلسلو بند ڪري عوام جي بنيادي آئيني حق جو تحفظ يقيني بڻايو وڃي, رياست کي مذهب کان الڳ رکيو وڃي, شاگرد يونين بحال ڪري شاگردن کي سياسي سرگرمين کان روڪڻ وارو سلسلو بند ڪيو وڃي. اهڙا مطالبا هنن ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب عوامي ورڪرز پارٽي سنڌ جي چوٿين صوبائي ڊيليگيٽ ڪانگريس ۾ ڪيو. عوامي ورڪرز پارٽي جي وفاقي صدر ڪامريڊ اختر حسين ايڊووڪيٽ ۽ سنڌ جي صدر ڪامريڊ ضياء ڀٽي تنظيمي صورتحال بابت ڳالھ ٻولھه ڪندي پارٽي کي وڌيڪ سگھارو بڻائڻ جو عزم ڪيو. جڏھن ته اڳوڻي جنرل سيڪريٽري ڪامريڊ مير حسن سريوال، ڪامريڊ سينگار نوناري، ڪامريڊ فيض ڪيريو، ڪامريڊ خان غفار خان، ڪامريڊ مقصودہ رتڙ ۽ ڪامريڊ اديب رتڙ شعبه جاتي رپورٽون پيش ڪري ڪابينا جي گذريل مدي دوران پارٽي ڪارڪردگي تي روشني وڌي. ڪانگريس ۾ سنڌ جي مختلف ضلعن مان پارٽي جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن شرڪت ڪئي. ڪانگريس جي پھرين سيشن ۾ رپورٽون پيش ڪرڻ بعد نئين ڪابينا پڻ چونڊي وئي, جنھن ۾ ڪامريڊ ضياء ڀٽي صدر، سينيئر نائب صدر يونس راھو، نائب صدر بادل ملڪ، نائب صدر خليل بلوچ، جنرل سيڪريٽري سينگار نوناري، جوائنٽ سيڪريٽري اثرامام، تعليم ۽ تربيت سيڪريٽري عنايت خاصخيلي، هاري سيڪريٽري فيض ڪيريو، خان غفار خان يوٿ سيڪريٽري، رحمت تنيو انفارميشن سيڪريٽري ۽ رياض بيگ کي چونڊيو ويو. ڪانگريس جي ٻئين سيشن ۾ عوامي ورڪرز پارٽي جي وفاقي صدر ڪامريڊ اختر حسين چيو ته ملڪ معاشي بحرانن ۾ ڦاٿل آھي، ھيٺيون طبقو وڌيڪ پيڙھجي رھيو آھي، پارٽي کي وڌيڪ منظم ڪري پيڙھيل طبقن لاءِ جدوجھد جاري رھندي. هن چيو ته ملڪ جي ڪروڙين ماڻهن کي اشرافيا سان تعلق رکندڙ چند هزار ماڻهو يرغمال بڻائي ويٺا آهن. ھن ملڪ اندر زرعي پاليسي ئي ناھي، ھاڻي ته اھو ظلم ٿيو آھي جو 40 ھزار ايڪڙ زمين عسڪري قوتن جي حوالي ڪئي وئي آھي، ھتي زرعي سڌارن جي ڳالھه ڪرڻ به غير شرعي ٿي لڳي، ڪيترائي سال اڳ سپريم ڪورٽ ۾ عوامي ورڪرز پارٽي زرعي سڌارن لاءِ پٽيشن داخل ڪرائي جنھن جي اڃا تائين ٻڌڻي ئي ناھي ٿي. الميو اھو آھي ته ھتان جي محڪوم قومن جي حقن ۽ شناخت کي ختم ڪيو پيو وڃي, اسان ھتي ھڪ جمھوري، سيڪيولر ۽ پورھيت رياست ٺاھڻ چاھيون ٿا. عوامي ورڪرز پارٽي سنڌ جي صدر ڪامريڊ ضياء ڀٽي چيو ته سنڌ گھڻن ئي مسئلن کي منھن ڏئي رھي آھي. ٻاھرين آبادڪاري سان سنڌ جي ڊيموگرافي کي چيلنج درپيش آھي. انڊجينئس ماڻھن کان زمينون کسيون پيون وڃن. انھن مسئلن جو حل عوامي سياست آھي جنھن ۾ عورتن جي شرڪت کانسواءِ جدوجھد ممڪن نه بڻبي. عوامي ورڪرز پارٽي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري ڪامريڊ سينگار نوناري چيو ته عوام وڌيڪ پيڙھجي رھيو آھي، عوام کي غلام بڻايو ويو آھي ۽ جبر جا سمورا ھٿيار عوام تي استعمال ٿي رھيا آھن، انھن حالتن ۾ اسان تي فرض ٿئي ٿو ته پنھنجي جدوجھد کي وڌيڪ تيز تر ڪيون. عوامي جمھوري پارٽي جي اڳواڻ اسلم پرويز کٽياڻ چيو ته فلسطين سميت ننڍين قومن جي نسل ڪشي ٿي رھي آھي، آمريڪا ۽ اسرائيل ننڍن قومن جو استحصال ڪري رھيا آھن, سنڌ استحصال جو شڪار آھي، ٻاھران ماڻھو گھرائي ھتي ترسايا پيا وڃن، زمينن تي قبضا پيا ٿين، تعليم، صحت سميت کوڙ مسئلا سنڌ کي درپيش آھن. نيشنل پارٽي جي اڳواڻ طالب جکري چيو تہ عوامي ورڪرز پارٽي نظرياتي پارٽي آھي, جيڪا پورھيتن لاءِ مسلسل جدوجھد ڪري رھي آھي.سرمائيداران ۽ جاگيردارن عوام کي ڀُلايو آھي پر اھو عوام ھڪ ڏينھن ضرور نظرياتي پارٽين سان گڏجي جدوجھد ڪندو. عوامي ورڪرز پارٽي جي اڳواڻ ڪامريڊ جاويد راڄپر چيو ته موجوده دور زوالي دور آھي ۽ اسين انھي دور ۾ پيدا ٿيا آھيون، اسان ھن بدبودار نظام ۾ مُس فٽ ماڻھو آھيون. وطن دوست پارٽي جي اڳواڻ عرض محمد رتڙ چيو ته ھن ملڪ کي شروع ڏينھن کان ڊپ ۾ ھلايو ويو آھي . پورھيت مزاحمت جي صدر مسرور شاهه چيو ته ھن دور ۾ سياست ۾ نظرياتي چِٽائي ھجڻ ۽ خدوخال ظاھر ڪرڻ ضروري آھي، اھڙي ئي ريت اسان انقلاب ڏانھن وڌي سگھون ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.