اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) چونڊن جو ماحول بڻجڻ جلد شروع ٿيڻ وارو آهي، نگران سيٽ اپ جا وزير اسٽيبلمشينٽ ۾ نوازشريف لاءِ لابنگ ڪرڻ لڳا، پنجاب ۾ امڪاني طور چار پنج سيٽون ملڻ باوجود پ پ کي اليڪشن لاءِ وڏي تڪڙ هئي.
سينيئر صحافي رئوف ڪلاسرا پنهنجي وي لاگ ۾ چيو آهي ته پ پ کي محسوس ٿيو هو ته نوازشريف کي جهڙي ريت پروٽوڪول ۾ واپس آندو پيو وڃي ان ڪري ان جلد اليڪشن جا مطالبا شروع ڪيا، نگران وزيرن کي لڳي رهيو هو ته اليڪشن سال ڏيڍ دير سان ٿيندي، کين مايوسي ٿي.
اليڪشن جي اعلان کانپوءِ بيوروڪريسي نگران وزيرن کي سنجيده وٺڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، اسان وٽ چڙهندڙ سج کي سلامي ڏني ويندي آهي، ڪجهه ڏينهن ۾ وزير ڪامورن جون شڪايتون ڪندي نظر ايندا.
هن چيو ته فيبروري کانپوءِ وڏا دنگل لڳندا، ٿي سگهي ٿو ته پ پ چوي ته اسان اليڪشن نٿا مڃون، عمران خان کي به جيڪڏهن اليڪشن نه وڙهڻ ڏني وئي ته اهو محاذ الڳ کلندو، ڪجهه وزير نوازشريف جي بلڪل ويجهو آهن.
توقع ڪئي پئي وڃي ته نوازشريف ايندڙ حڪومت ۾ ايندو ان ڪري انهن وزيرن کي اها اميد آهي ته اهي ايندڙ سيٽ اپ ۾ به ايڊجسٽ ٿي ويندا.
ٽن چئن وزيرن اسلام آباد جي حلقن ۾ اهو چوڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي ته نوازشريف کي آڻي ملڪ سڌارڻ چاهيو ٿا ته پوءِ کيس ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت ڏيارڻي پوندي، طاقتور حلقن کي اهڙا پيغام پهچايا پيا وڃن.
هاڻي اسٽيبلشمينٽ ڇا ڪندي؟ نوازشريف کي 240 سيٽون ملي ويون ته پوءِ ڇا نوازشريف طاقتور ڌرين مطابق سٺو وزيراعظم بڻجي ويندو؟هن چيو ته نوازشريف ماضي ۾ اسٽيبلشمينٽ سان جهيڙا ڪري چڪو ،ڇهه ڇهه مهينا اسيمبلي اجلاس ۾ نه ويندو هو.
پنجاب ۾ ڪو شڪ ناهي ته عمران خان جي مقبوليت برقرار آهي، ياسمين راشد نوازشريف کي اليڪشن وڙهڻ جو چئلينج ڪري چڪي آهي، نوازشريف، مريم نواز، شهبازشريف، حمزا شهباز کي پنهنجي ئي تڪن تي سخت مقابلي کي منهن ڏيڻو پوندو.
نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز سومر 27 نومبر 2023 تي شايع ٿي