ھڱورجا(ن ع آ)نيشنل پارٽي خيرپور پاران سنڌ جي ناليواري اديب ڪھاڻيڪار ڊاڪٽر تنوير عباسي، شاعر تاجل بيوس ،ھاري اڳواڻ ڪامريڊ چاچا اسماعيل قريشي، ڊاڪٽر شوڪت ڀيلار ۽ ڊاڪٽر نياز سومرو جي ياد ۾ ھنگورجا ٽائون ھال ۾ زرعي زمينن جي قبضا گيري ختم ڪريو جي نالي سان ڪانفرنس ڪوٺائي وئي آھي جنھن کي نيشنل پارٽي جي مرڪزي صدر تاج مري سنڌ ھاري ڪاميٽي جي صدر مير منور ٽالپور ،گسٽا سنڌ جي مرڪزي صدر مقصود مھيسر نيشنل پارٽي جي اڳوڻي صدر ڪامريڊ رمضان ميمڻ سنڌي ادبي سنگت جي اڳوڻي مرڪزي اڳواڻ ڄام محبت سھتو، نوجوان صحافي فرمان سھتو، ناليواري شاعر استاد لالڻ چنو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ ڪراچي کان ڪشمور تائين زمينن تي قبضا ڪيا پيا وڃن جيڪي قبضا ناجائز نموني ٿي رھيا آھن قبضا گيري جي خاتمي لاءِ سنڌ کي ڀرپور نموني سان جدوجھد ڪرڻ جي ضرورت آھي ڪراچي ۾ ملڪ رياض ھزارين ايڪڙ تي قبضو ڪيو آھي ۽ سنڌ جي ٻين شھرن ۾ وري ٻيا قبضا گير زمينن تي قبضا ڪري ويٺا آھن ڪچي جي زمينن تي پڻ قبضا ڪيا ويا آھن ھنن چيو سمورن قبضا گيرن جا سرپرست وقت جا حڪمران ھجن ٿا حڪومت جي سرپرستي ۾ زمين تي قبضا ٿي رھياآھن زمين جا اصلي ڌڻي دربدر آھن روينيو کاتي وارن ماڻھن کي پاڻ ۾ ويڙهائي ڇڏيو آھي جعلي ۽ ڪوڙا ٺاھي ڏين ٿا ھنن چيو ته سنڌ ۾ سياسي جدوجھد جي ذريعي ئي قبضا گيري کي ختم ڪري سگھجي ٿو ان ڪري ڌرتي ڌڻين کي متحد ۽ منظم ٿيڻو پوندو، ھنن چيو سنڌ جي ناليوارن اديب ڪھاڻيڪار ڊاڪٽر تنوير عباسي جيڪو ادبي ۽ علمي پورھيو ڪيو اھو صدين تائين ياد رھندو چاچو اسماعيل قريشي جي ھارين جي حقن لاءِ لازوال جدوجھد کي ڪنھن به وساري نه ٿا سگھون ڊاڪٽر شوڪت ڀيلار ،ڊاڪٽر نياز سومرو ڌرتي ڌڻي لاء پاڻ پتوڙيو انھن کي ھميشه ياد رکيو ويندو ،