سنڌ جي تفريحي ماڳ گورک ۾ ڪرپشن نيٺ نشاني تي اچي وئي، وڏي وزير جو نوٽيس

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي نگران وڏي وزير گورک هل پراجيڪٽ ۾ بي ضابطگين جو نوٽيس وٺندي فنڊن ۽ اثاثن جي غير ضروري استعمال تي ناراضگي جو اظهار ڪيو آهي. جاري پڌرائي موجب نگران وڏي وزير چيو آهي ته پراجيڪٽ جي گاڏين، ريزورٽ ۽ پيٽرول جي استعمال ۾ وڏيون بي ضابطگيون سامهون آيون آهن، پراجيڪٽ جي گاڏين تي 18 ڊرائيور مقرر آهن پر اهي ڊيوٽي خانگي ماڻهن سان گڏ ڪن ٿا. گورک هل ريزورٽ ۾ 12 بورچي رکيل آهن ان جي باوجود منصوبي جي بهتري لاءِ ڪم نه پيو ٿئي، پراجيڪٽ ۾ 140 ملازم رکيل آهن پر ڪو به ڪم نه پيو ڪري. هن سنڌ ۾ گورک هل پراجيڪٽ ڊائريڪٽر کي ايڪسپلينيشن ۽ پراجيڪٽ تي مڪمل تحقيق لاءِ چيف سيڪريٽري کي هدايت ڪئي آهي. هن چيو ته اهو منصوبو عوام جي تفريح ۽ سهولت لاءِ آهي، ڪجهه ماڻهن کي نوازڻ لاءِ نه آهي. فنڊن جو غلط استعمال ڪنهن به ريت برداشت نه ڪبو.

گورک اٿارٽي جو اڳوڻو چيئرمين ملازمن جي انگ کان اڻڄاڻ

دادو ( م ڊ ) نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر جي گورک هل پراجيڪٽ ۾ گهوٻين جي نوٽيس کانپوءِ  پروجيڪٽ جي اڳوڻي چيئرمين  رفيق جمالي جو بيان سامهون آيو آهي، رفيق جمالي جو چوڻ آهي ته  گورک هل اسٽيشن اٿارٽي بابت وڏي وزير جي نوٽيس جي آجيان ڪيون ٿا. رفيق جمالي چيو ته  خبر نه آهي ته هن وقت ڪيترا ملازم ڪم ڪري رهيا آهن، مون وٽ اٿارٽي جو ڪو ملازم نه آهي، پروجيڪٽ جي اڳوڻي چيئرمين رفيق جمالي چيو ته  نگران وڏو وزير مون سان گڏ گورک جو دورو ڪري، کيس بريفنگ ڏيندس،  گورک اٿارٽي بابت نيب جاچ ڪري چڪي آهي، جنهن ۾ ڪجهه به ثابت ناهي ٿيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.