قانون جي حڪمراني، ڪرپشن جو خاتمو پارٽين جي ايجنڊا مان غائب:سياسي بيانئي جي جنگ

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) ڊي ڊبليو موجب پاڪستان پيپلز پارٽي هڪ ڀيرو ٻيهر روٽي، ڪپڙا ۽ مڪان جي بيانئي سان ووٽرن جون دليون کٽڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، پر سالن کان سنڌ تي حڪمراني ڪندڙ پيپلز پارٽي وٽ ان سوال جو ڪو به اطمينان بخش جواب ناهي ته ايتري عرصي کان سنڌ جي عوام کي اٽي، لٽي۽ اجهي جون سهولتون ڇو نه ڏئي سگهي؟.

تجزئي نگار فاروق حميد  جو چوڻ آهي ته پ پ جي شريڪ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو بزرگن کي سياست ڇڏڻ جو بيان دراصل نوجوان ووٽرن کي راغب ڪرڻ جي ڪوشش آهي.

پاڪستان مسلم ليگ ملڪ ۾ خوشحالي ۽ معاشي بحاليءَ جو بيانيو کڻي ووٽرن تائين پهچي رهي آهي. جڏهن پاڪستان مسلم ليگ نون کي ان  جي اڳواڻيءَ واري 16 مهينن واري حڪومت جو ڌيان ڇڪايو ويندو آهي ته هو انهن ناڪامين جو مدبراڻو تجزيو ڪرڻ بدران ”سياسي قيمت چڪائي ملڪ کي ڊيفالٽ کان بچائڻ“ وارو بيانيو سامهون کڻي ايندي آهي.

اڄ نواز ليگ جا اڳواڻ مستقبل جي منصوبن تي ڳالهائڻ بدران پنهنجي حڪومت جي 2013ع کان 18ع تائين جي ڪاميابين کي ڳڻائي رهيا آهن. مسلم ليگ (ن) کي پنهنجي مخالفن جي ان داستان کي ٽوڙڻ ۾ ڏکيائي محسوس ٿي رهي آهي، جنهن موجب اهي نواز شريف کي لاڏلو ۽ مسلم ليگ ن کي اسٽيبلشمينٽ جي ڪٺ پتلي قرار ڏئي رهيا آهن.

تجزئي نگار عامر خاڪواڻي جو چوڻ آهي ته پاڪستان مسلم ليگ هڪ اهڙو بيانيو ٺاهي رهي آهي جنهن ۾ يقين آهي ته اها اليڪشن کٽي ايندي،ان لاءِ مضبوط اليڪٽيبلز ان ڏانهن وڃڻ شروع ٿيا آهن.

پاڪستان تحريڪ انصاف سوشل ميڊيا ذريعي ملڪ جي سياسي تاريخ ۾ تبديليءَ جي بيانئي کي  عوام جي ذهنن ۾ بيدار ڪرڻ ۾ ڪافي حد تائين ڪامياب رهي آهي، پر هن وقت ان کي سياسي جاءِ نه ملي رهي آهي ۽ سمورين سياسي پارٽين لاءِ ليول پليئنگ فيلڊ جي ڳالهه ڪري رهي آهي، پاڪستان جون مذهبي ۽ سياسي پارٽيون به ملڪ جي مسئلن جي حل لاءِ ڪو ٺوس منصوبو پيش ڪرڻ بجاءِ مذهبي نعرا ۽ آمريڪا ۽ آءِ ايم ايف جي غلاميءَ مان آزاديءَ جو استعمال ڪري پنهنجو بيانيو اڳتي وڌائي رهيون آهن.

ڊي ڊبليو موجب، پاڪستان ۾ سياسي پارٽيون صورتحال سان گڏ پنهنجا بيانيا به تبديل ڪري رهيون آهن. پاڪستان پيپلز پارٽي ڪجهه عرصو اڳ تائين مڪمل طور تي اسٽيبلشمينٽ سان گڏ هئي، پر اتان کان گاهه نه وجهڻ  سبب هڪ ڀيرو ٻيهر اليڪشن بدران سليڪشن جي مخالفت ڪري رهي آهي،  ساڳيءَ ريت مسلم ليگ نون به ووٽ کي عزت ڏيڻ واري بيانئي تان هٿ کڻي وئي آهي.

تجزئي نگار مظهر عباس ڊي ڊبليو کي ٻڌايو ته سٺن جمهوري معاشرن وانگر پاڪستان ۾ ٿيڻ ته ائين گهرجي ها ته سياسي پارٽين کي ملڪ جي بهتري لاءِ قومي پاليسين بابت ٻڌائڻ گهرجي، انهن جي صحت جي پاليسي ڪهڙي هوندي، انهن جي تعليمي پاليسي ڪهڙي هوندي، پر ميڊيا گليمر ۽ سوشل ميڊيا جي ڊوڙ ۾  برانڊ، نعرا ۽ بيانيا وڌيڪ  وڪامجن ٿا،  رسمي طور تي ڪي پارٽيون منشور جو اعلان ته ڪن ٿيون پر اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ ان تي عمل ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿيون ٿين.

هڪ سوال جي جواب ۾ مظهر عباس چيو ته جيڪڏهن سياسي پارٽيون ”ووٽ کي عزت ڏيو“ جو نعرو ڇڏي شهرت جي سستن طريقن ۽ چور دروازن سان اقتدار ۾ اچڻ جي ڪوشش ڪنديون ته پوءِ اسان کي ٻئي ”هائبرڊ نظام“ لاءِ تيار رهڻ گهرجي. اهڙي طرح اسان جي سياستدانن وٽ صرف مقامي حڪومتون ئي رهنديون. پرڏيهي پاليسي، سيڪيورٽي پاليسي ۽ مالياتي پاليسين تي هنن اڳ ئي ڪنهن کي پنهنجي جاءِ ڏئي ڇڏي آهي.

تجزيه نگار فاروق حميد ڊي ڊبليو کي ٻڌايو ته سياسي پارٽين طرفان ڪو به نئون بيانيو سامهون ناهي آيو، اها ڳالهه حيران ڪندڙ ڳالهه آهي ته ڪنهن به پارٽي پنهنجي بيانيي ۾ سٺي حڪمراني، شفافيت ۽ ڪرپشن جي خاتمي کي شامل ناهي ڪيو.

هن چيو ته  آئين جو نفاذ، جمهوريت جي بالادستي، قانون جي حڪمراني ۽ مڪمل احتساب ملڪ جي موجوده صورتحال ۾ بهترين بيانيا بڻجي سگهن ٿا. اهو ڪيئن آهي ته سياستدانن خلاف ريفرنسز ٺاهڻ وارا نيب جا آفيسر ئي  نيب جا ڪيس واپس وٺي رهيا آهن ۽ پارليامينٽ سياستدانن تي ڪرپشن جا داغ ڌوئڻ لاءِ  قانون سازي ڪري ٿي؟.

نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز سومر 27 نومبر 2023 تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.