اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداريءَ ۾ اختلافن جو پس منظر پارٽي پاليسي نه پر اسٽيبلشمينٽ جي پاليسي آهي، جنهن جي آصف زرداريءَ کي ڄاڻ آهي ۽ بلاول ڀٽو بي خبر آهي.
نامياري صحافي راجا عاطف ذوالفقار جو چوڻ آهي ته جيئن ئي بلاول ڀٽو زرداري سرگرم ٿيو ، نواز شريف ۽ اسٽيبلشمينٽ تي تنقيد شروع ڪئي ته ڳجهه ڳوهه ۾ آمريڪي لابي به بلاول ڀٽو جي حمايت ۾ سرگرم ٿي وئي، نتيجي طور طاقتور حلقن اهو تاثر ورتو ته بلاول ڀٽو اولهه ۾ تعليم ورتي آهي ان ڪري هو آمريڪا ۽ برطانيا جي نظام کان متاثر ٿو لڳي جيڪا ڳالهه هن وقت اسٽيبلشمينٽ کي قبول نه آهي ڇو ته آمريڪا کان پري ٿيڻ ۽ چين سان لاڳاپا مضبوط ڪرڻ جو فيصلو ٿي چڪو آهي ان ڪري طاقتور حلقن کي بلاول ڀٽو زرداري تي خدشا آهن.
جن جي ڄاڻ صرف آصف زرداري کي آهي کيس اها به ڄاڻ آهي ته ايندڙ حڪومت ن ليگ جي هوندي، ايئن نه ٿئي ته بلاول ڀٽو جي اٻهرائي جي ڪري سنڌ حڪومت به پ پ کان کسجي وڃي ان ڪري آصف علي زرداري چيو ته بلاول ڀٽو کي اڃان تجربو نه آهي، ڏسڻو آهي ته بلاول ڀٽو زرداري کي والد معاملا سمجهائڻ ۾ ڪامياب ٿئي ٿو يا ڪامياب نٿو ٿئي اها ڄاڻ 30 نومبر واري جلسي ۾ واضح ٿي ويندي.
نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز سومر 27 نومبر 2023 تي شايع ٿي