حيدرآباد/ٽنڊوالهيار(رپورٽر+ڊ ر) جيئي سنڌ رهبر ڪميٽي پاران ڌارين کي نيڪالي نه ڏيڻ خلاف گو افغاني گو پيادل ريلي ڪڍي وئي، شهباز بلڊنگ کان حيدرآباد پريس ڪلب تائين نڪتل هن ريلي ۾ وڏي انگ ۾ قومپرست ڪارڪنن شرڪت ڪئي، جيڪي هٿن ۾ جهنڊا کڻي سنڌ مان ڌارين کي نيڪالي نه ڏيڻ خلاف سخت نعريبازي ڪري رهيا هئا، ريلي شهر جي مختلف هنڌن کان ٿيندي پريس ڪلب پهتي، جتي جلسي جي صورت اختيار ڪري وئي، ريلي ۾ مطالبو ڪيو ويو ته سنڌ ۾ افغانين جي نيڪالي جي لاءِ آپريشن ڪيو وڃي، سڄي ملڪ مان افغانين کي نيڪالي ڏني پئي وڃي پر سنڌ ۾ سمورا ڌاريا آزاد آهن، سڀ کان وڌيڪ افغانين ۽ ٻين ڌارين جو بار سنڌ تي پيل آهي، انهن جعلي ٺهرايل سڃاڻپ ڪارڊ ۽ ڊوميسائيل رد ڪري پنهنجي ملڪ واپس اماڻيو وڃي، ان موقعي تي جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين ۽ رهبر ڪميٽي جي ڪنوينر رياض علي چانڊيو خطاب ڪندي چيو ته ڌاريا سنڌ جي معيشت، زمين، ثقافت، سيڪيولر روح ۽ رواداري جي لاءِ خطرو آهن، افغانين سميت سمورا ڌاريا دهشتگردي، ڏوهن ۽ منشيات جي وڪري ۾ ملوث آهن، مولانا فضل الرحمان سمجهي ڇڏي ته ڪراچي سنڌ جي دل آهي، سنڌ جو هر شهر سنڌين جو آهي، ڌاريا هتان نڪري وڃن، هن وقت اسان جي شهرن تي ڌارين جو قبضو آهي، هن چيو ته سنڌ ۾ نااهل ۽ سنڌ دشمن حڪمرانن جي ڪري بدامني آهي، معصوم پريا ڪماري گم آهي، نوتن لال گرفتار آهي، سنڌ ترقي کان محروم آهي، هن چيو ته هي ڪهڙي جمهوريت آهي جنهن ۾ اسان جا وسيلا ڪوئلي، گئس ۽ پاڻي تي قبضو آهي، پر سنڌي ماڻهن لاءِ جيئڻ مشڪل ڪيو ويو آهي، هن چيو ته سنڌ ۾ ڌارين جي نيڪالي لاءِ ڪو به آپريشن ناهي ٿي رهيو لکن جي تعداد ۾ ڌاريا سنڌ ۾ آباد آهن، افغانين جي نيڪالي رڳو اسلام آباد ۽ ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان جي ڪجهه شهرن مان ٿي آهي، پر سنڌ ۾ افغانين کي کلي ڇوٽ حاصل آهي، افغاني هتي ڪوڙا سڃاڻپ ڪارڊ، ڊوميسائيل ٺهرائي سرڪاري نوڪريون ڪري رهيا آهن، سنڌ ۾ ڌارين خلاف آپريشن نه ڪرڻ سنڌ دشمني جو کلو ثبوت آهي، هن اعلان ڪيو ته رهبر ڪميٽي جو اجلاس سڏائي پنهنجي جدوجهد وڌيڪ تيز ڪيو ويندو، جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين اسلم خيرپوري چيو ته اسان پنهنجي پر امن جدوجهد جاري رکنداسين، هي اهو ئي شهر حيدرآباد آهي جتي امڙ جندو تاريخي جدوجهد ڪري پنهنجن ٻچن جي قاتلن کي ڦاهي چاڙهايو، ان ئي شهر ۾ وچن ڪيون ٿا ته اسان پنهنجي جدوجهد جاري رکنداسين، هن چيو ته 1954ع کانپوءِ جيڪي ڌاريا آباد ٿيا آهن انهن کي نيڪالي ڏني وڃي، اسان کين ڌاريو سمجهون ٿا، هن چيو ته بدين ۽ ٺٽي جي سامونڊي پٽي وڪرو پئي ڪئي وڃي، سنڌ جا وسيلا وفاق جي نالي تي کپائي سنڌ جي ماڻهن کان ٻن ويلن جي ماني کان به محروم ڪيو ويو آهي، سنڌ 76 سيڪڙو ٽيڪس ڏئي ٿي پر سنڌ کي ڪجهه نٿو ڏنو وڃي، ٿر جي ڪوئلي جي بجلي پنجاب کي ڏني پئي وڃي، پر سنڌ جو ان بجلي تي حق تسليم ڪرڻ جي لاءِ تيار ناهن، جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چيئرمين نواز خان زئور چيو ته اڄ جي ريلي افغانين سميت سمورن آيل ڌارين خلاف آهي، اسلام آباد ۽ پنجاب مان ته افغانين کي نيڪالي ڏني پئي وڃي، پر سنڌ ۾ ڌارين خلاف آپريشن ڪرڻ لاءِ تيار ناهن، هن چيو پ پ سميت جيڪي به جماعتون افغانين جي حمايت ڪن ٿيون اهي سنڌ جي لاءِ غدار جي حيثيت رکن ٿيون، پ پ سنڌ ۾ ڌارين کي آباد ڪرڻ ۾ ملوث آهي، اسان ڪنهن جي خلاف ناهيون، جيئي سنڌ قومي محاذ جي اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته سنڌ سان هن خطي ۾ هر فورم تي ناانصافيون ٿي رهيون آهن، هن ملڪ جون عدالتون به ان ۾ ملوث آهن، هن چيو ته بحريا ٽائون، ڊي ايڇ اي ۽ ٻين منصوبن جي نالي ۾ سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين تي قبضو ڪيو ويو آهي، هن چيو ته برطانيا ۾ ملڪ رياض جا 190 ملين پائونڊ ضبط ڪري پاڪستان واپس موڪليا ويا، جيڪي ملڪ رياض بحريا ٽائون جي زمين جي قسط جي نالي ۾ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي سنڌ جي زمين مفت ۾ حاصل ڪري ورتي، هاڻ عدالت انهن پئسن مان 35 ارب روپيا وفاق کي ڏئي ڇڏيا، جيڪي پئسا سنڌ جا هئا، هن چيو ته عدالت هڪ سٺو فيصلو ڪيو، پر ان فيصلي تي سنڌ ۾ عمل ناهي ڪيو، هن چيو ته سنڌ ۾ جن ڌارين سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرايا آهن انهن جا سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڇو نٿا ڪيا وڃن، سنڌ ۾ افغانين کي ڇو کلي ڇوٽ مليل آهي، پرڏيهين جي نيڪالي لاءِ آپريشن ڪڏهن شروع ٿيندو، هن سنڌ جي نوجوانن کي اپيل ڪندي چيو ته هو سمورن ڌارين جو سماجي بائيڪاٽ ڪن، افغاني دهشتگرد آهن، منظور پشتين کي جيڪڏهن قبول آهن ته هو پنهنجي صوبي ۾ انهن جو بندوست ڪري، هن چيو ته اردو ڳالهائيندڙ اسان جا ڀائر آهن، پر هو ڌارين جي نيڪالي ڏيارڻ جي لاءِ نٿا ڳالهائين، انهن کي به اسان جو ساٿ ڏئي ڌارين جو سماجي بائيڪاٽ ڪرڻ گهرجي، جيئي سنڌ تحريڪ جي چيئرمين سورهيه سنڌي چيو ته سنڌ مان حڪومت افغاني ڪڍڻ لاءِ تيار ناهي، 40 لک کان وڌيڪ افغاني سنڌ ۾ موجود آهن، سنڌ مان قومي ڪارڪن گم آهن، انهن کي فوري آزاد ڪيو وڃي، ان موقعي تي پنهل ساريو، فتاح چنا، نواز شاهه ڀاڏائي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو، ان کان اڳ جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو جي اڳواڻي ۾ احتجاج ۾ شريڪ ٿيڻ لاء قافلو حيدرآباد روانو ٿي ويو، ان موقعي تي جسم چيئرمين رياض چانڊئي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته حڪومت پنجاب مان وڏي تعداد ۾ ڌارين کي نيڪالي ڏئي پنهنجي ڏيهھ موڪليو آهي پر سنڌ مان غير ملڪين کي نيڪالي ڏيڻ لاءِ حڪومت بلڪل سنجيده ناهي، هن چيو ته 43 سالن کان افغانين جو درد ذلت ۽ عذاب سنڌ جي ماڻهن برداشت ڪيو، ان ڪري ته ان وقت افغانستان ۾ گهرو ويڙهه هلي رهي هئي پر هاڻي افغان خانا جنگي مان نڪري چڪو آهي پر هتي جي حڪومت کي صرف پنجاب محفوظ ڪرڻو هيو ان ڪري سنڌ مان ڌارين کي نيڪالي ڏيڻ لاءِ تيار ناهي، سنڌ مان غير ملڪين کي نيڪالي لاءِ نالي ماتر ڪاروايون ڪيون ويون آهن ۽ اڃا به ڪافي تعداد ۾ سنڌ ۾ ڌاريا آباد آهن، هن چيو ته غير ملڪي افغاني سنڌ اندر منشيات سميت مختلف ڏوهن ۾ ملوث هوندا آهن، نادرا ۽ پوليس سنڌ ۾ افغانين لاء سهولتڪار بڻيل آهي، نادرا اڃا تائين غير قانوني طور رهندڙ غير ملڪين کي ڪارڊ جاري ڪري رهي آهي، ريلي جو ڪيريا شاخ ، قبو اسٽاپ ، پير ڪاٺي پهچڻ تي شاندار استقبال پڻ ڪيو ويو۔