راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) احتساب عدالت القادر پراپرٽي ٽرسٽ ۽ 190 ملين پائونڊ ڪرپشن ڪيس ۾ عمران خان جي وڌيڪ جسماني رمانڊ جي اپيل رد ڪري ڇڏي.
احتساب عدالت اڊيالا جيل ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف القادر پراپرٽي ٽرسٽ ۽ 190 ملين پائونڊ ڪرپشن ڪيس ۾ نيب ريفرنس تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ نيب ٽيم عدالت کي پي ٽي آءِ چيئرمين کان 23 کان 26 نومبر تائين ڪيل جاچ کان آگاهه ڪيو.
ٻڌڻي دوران نيب ٽيم عمران خان جي وڌيڪ جسماني رمانڊ جي اپيل ڪئي، جنهن کي عدالت رد ڪندي عمران خان کي جڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو.
القادر ٽرسٽ ۽ 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ عمران خان جي وڌيڪ جسماني رمانڊ جي اپيل رد
You might also like