مريم اورنگزيب کي گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ن ليگ اڳواڻ مريم اورنگزيب کي 9 ڊسمبر تي گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت مريم اورنگزيب خلاف چڙ ڏياريندڙ گفتگو جي ڪيس ۾ ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا هئا، جنهن تي عدالت لاڳاپيل ايس ايڇ او کي وارنٽ تي عمل ڪرائڻ جي هدايت ڪئي ۽ ن ليگ اڳواڻ کي 9 ڊسمبر تي گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج عبهر گل 25 نومبر تي مريم اورنگزيب جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.