شڪيب الحسن جي سياست ۾ انٽري، حڪمران جماعت جي تصديق

ڍاڪا ( ويب ڊيسڪ ) بنگلاديش جي حڪمران پارٽي عوامي ليگ ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان شڪيب الحسن جي چونڊ وڙهڻ جي تصديق ڪري ڇڏي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، عوامي ليگ، شڪيب الحسن جي نامزدگي جي تصديق ڪئي آهي، ڪرڪيٽر ايندڙ سال ست جنوري تي عام چونڊن ۾ حصو وٺندو.
ميڊيا رپورٽن موجب، شڪيب الحسن پنهنجي اباڻي ضلعي ماگوراون جي تڪ تان چونڊ وڙهندو، سندس ڪرڪيٽ ۾ واپسي بابت فلحال ناهي ٻڌايو ويو.
ياد رهي ته شڪيب الحسن ورلڊ ڪپ ۾ سريلنڪا خلاف ميچ ۾ انجري جو شڪار ٿي ويو هو.
نيوزيلينڊ خلاف ٻن هوم ٽيسٽ ميچن جي سيريز کانپوءِ بنگلاديش کي نيوزيلينڊ جو دورو پڻ ڪرڻو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.