ڪراچي( رپورٽر ) ڪراچي جي علائقي ڊفينس فيز 8 جي ساحل اوينيو ۾ خالي پلاٽ تان 41 ورهين جي شخص جو ڳلو ڪپيل لاش هٿ آيو.پوليس جو چوڻ آهي ته مقتول جي سڃاڻپ سردار محمد جي نالي طور ٿي مقتول اورنگي ٽائون جو رهواسي هو. پوليس جو چوڻ آهي ته ميٽرو يل سائٽ جي رهواسي جوابدار زبير ڇرين جا وار ڪري سردار محمد کي قتل ڪيو، مقتول ۽ قاتل جو پاڻ ۾ پيسن جي ڏيتي ليتي جو معاملو هلندڙ هو.پوليس دعوى ڪئي ته قتل ۾ ملوث جوابدار کي گرفتار ڪري واردات ۾ استعمال ٿيل ڇري هٿ ڪئي آهي.
لاهور ۾ ويٽر جي فائرنگ ۾ شهري قتل
لاهور(م ڊ) لاهور جي علائقي مزنگ ۾ احسن نالي ويٽر ۽ رضوان ڀٽي نالي شهري جي وچ ۾ ماني دير سان آڻڻ تي ڏند چڪ ٿي جنهن تي جوابدار احسن مبينه طور تي فائرنگ ڪري رضوان ڀٽي کي قتل ڪيو ۽ ساٿي جي موٽرسائيڪل تي چڙهي فرار ٿي ويو، فائرنگ سبب علائقي ۾ ڀاڄ پئجي وئي ۽ واقعي بعد هوٽل مالڪ ۽ عملو به غائب ٿي ويو، مقتول رضوان ڀٽي شاهدره جو رهواسي هو،