لاهور(م ڊ) امير جماعت اسلامي سراج الحق چيو آهي ته جماعت اسلامي فلسطين جي مسئلي کي اجاگر ڪيو. ترڪي ۽ ايران جي حڪومتن سان فلسطين جي مسئلي تي رابطو ڪيو.اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊي جي خان ۾ جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو.هن چيو ته پاڪستاني حڪومت فلسطين جي معاملي تي مونجهاري جو شڪار آهي.سراج الحق چيو ته آصف زرداري ۽ نواز شريف ڊڄن ٿا ته هو اسرائيل خلاف بيان ڏيندا ته حڪومت نه ٺاهي سگهندا.