ٻج، ڀاڻ، زرعي دوائن جي اگھن ۾ واڌ خلاف حيدرآباد ۾ آبادگارن جي ريلي

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ پيپلز ھاري ڪاميٽي جي سڏ تي ٻج، ڀاڻ، زرعي دوائن جي اگھن ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ، بليڪ مارڪيٽنگ ۽ ٻوڏ متاثر آبادگارن کي في ايڪڙ 5 ھزار رپيا امداد نه ملڻ خلاف حيدرآباد ۾ احتجاجي ريلي،  آبادگارن ۽ ھارين جي منافعي خور واپارين ۽ اختيارين خلاف سخت نعريبازي، وفاقي ۽ سنڌ سرڪار کان ٻج، ڀاڻ ۽ زرعي دوائن جي بليڪ مارڪيٽنگ جو نوٽيس وٺي سرڪارء قيمتن تي ڪنٽرول ڪرائڻ جو مطالبو، ان سلسلي ۾ سنڌ پيپلز ھاري ڪاميٽي ضلعي حيدرآباد پاران ضلعي صدر روشن شورو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪالھ حيدرآباد ۾ اولڊ ڪئمپس کان حيدرآباد پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ريلي ۾ شريڪ آبادگارن ۽ ھارين ناجائزين خلاف سخت نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي پ پ ھاري ڪاميٽي ضلعي حيدرآباد جي صدر روشن شورو، جنرل سيڪريٽري ديدار حسين سولنگي، انفارميشن سيڪريٽري اياز احمد شورو  ۽ ٻين ريلي کي خطاب ڪندي چيو ته نگران سرڪار ۾ به سنڌ جي آبادگارن ۽ ھارين کي رليف نه ملي سگھيو آھي، يوريا ۽ ڊي اي پي جي قيمتن ۾ ھٿرادو طور تي ڳاٽي ٽوڙ اضافو ڪيو ويو آھي، ڀاڻ جا منافعي خور واپاري سنڌ جي آبادگارن ۽ ھارين جو استحصال ڪرڻ سان گڏوگڏ انھن جو معاشي قتل عام ڪري رھيا آھن، جن خلاف ڪوبه نوٽيس وٺڻ وارو ناھي، ھنن چيو ته ھن وقت سنڌ ۾ ڪڻڪ جي پوک به شروع ٿي وئي آھي، ڪڻڪ جي ٻج جا اگهھ به وڌائڻ سان گڏ نقلي ۽ غير تصديق ٿيل ٻج مافيا مارڪيٽ ۾ آڻي ڇڏيو آھي، حيدرآباد سميت سنڌ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ آبادگارن پاران ڇٽ ڪيل ٻج ڦٽو ئي ناھي، جنھن سبب آبادگارن کي لکين رپين جو نقصان ٿيو آھي ۽ انھن ٻيھر نئون ٻج خريد ڪري ڪڻڪ جي پوک ڪئي آھي، اھڙو ظلم ۽ زيادتي ٿي رھي آھي، ھنن چيو ته زرعي دوائن جي به بليڪ مارڪيٽنگ شروع ٿي وئي آھي، جڏھن ته نقلي زرعي دوائن جي پڻ مارڪيٽ ۾ ڀرمار ٿي وئي آھي، جنھن سان وڏي پئماني تي نقصان ٿي رھيو آھي، ھنن چيو ته گذريل سال سنڌ حڪومت ٻوڏ متاثر آبادگارن کي ڪڻڪ جي پوک تي في ايڪڙ 5 ھزار رپيا امداد ڏيڻ جو اعلان ڪيو، ان اعلان مطابق 70 سيڪڙو آبادگارن کي اھا امدادي رقم ناھي ملي سگھي، ھنن نگران وفاقي حڪومت ۽ سنڌ سرڪار کان مطالبو ڪيو ته ٻج، ڀاڻ ۽ زرعي دوائن جي بليڪ مارڪيٽنگ توڙي نقلي ھجڻ جو فوري نوٽيس وٺي سنڌ زراعت ۽ آبادگار دشمن مافيا خلاف سخت ڪريڪ ڊائون ڪري سرڪاري قيمتن تي ڪنٽرول ڪرائي ٻوڏ متاثر آبادگارن کي اعلانيل في ايڪڙ 5 ھزار رپيا امدادي رقم جاري ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.