متاثر مال ڪنٽونمنٽ بورڊ فيصل جي حد ۾ آهي: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي ( رپورٽر )  ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب پاران شاپنگ مال ۾ باهه جي ڪيس ۾فائربرگيڊ کي نامزد ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو آهي. ميئر مرتضيٰ وهاب چيو ته متاثر مال ڪنٽونمنٽ بورڊ فيصل جي حد ۾ آهي، ان  ڪي ايم سي جو ڪو تعلق نه آهي، شاپنگ مال جو نقشو ڪي ايم سي يا ايس بي سي اي نه پر ڪنٽونمبٽ بورڊ منظور ڪيو هو. مرتضي وهاب چيو ته باهه جو ڪيس داخل ڪندڙن کي سلام پيش ڪيان ٿو. ميئر ڪراچي چيو ته زپ لائين کي عوام لاءِ کوليو ويو آهي. ڪراچي جي هي پهرين فلائي زپ لائين آهي. ان کان اڳ ڊائنو سفاري پارڪ بنائي چڪا آهيون. شهرين کي تفريحي سهولتون ڏيڻ جي لاءِ ڪوششن ۾ مصروف آهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.