ڪراچي شاپنگ مال ۾ باهه واقعي جو ڪيس داخل، جاچ ڪميٽي قائم

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي شاپنگ مال ۾ 11 قيمتي حياتيون زيان ڪندڙ باهه واري واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو. ڪراچي جي علائقي راشد منهاس روڊ تي موجود نجي شاپنگ مال ۾ ڇنڇر جي ڏينهن صبح جو باهه لڳي وئي هئي، سرڪار جي فرياد تي داخل ڪيل ڪيس ۾ مال جي انتظاميا، بلڊر، نقشو منظور ڪندڙ آفيسر  ۽ فائربرگيڊ سان گڏ ڪي اليڪٽرڪ کي به نامزد ڪيو ويو آهي. ڪيس ۾ قتل، لاپرواهي ۽ نقصان رسائڻ جا قلم شامل ڪيا ويا آهن. ايف آءِ آر موجب عمارت جو نقشو غير قانوني طريقي سان منظور ڪيو ويو، عمارت ۾ باهه وسائڻ جا اوزار ۽ هنگامي ٻاهريون ايمرجنسي رستو به نه هو. ان کانسواءِ ڪي اليڪٽرڪ ۽ فائر برگيڊ ناقص مٽيريل جي باوجود اين او سي جاري ڪئي جنهن جي ڪري انهن کي به ڪيس ۾ نامزد ڪيو ويو آهي.  ڪراچي جي ايڊيشنل آءِ جي خادم حسين رند راشد منهاس روڊ تي قائم شاپنگ مال ۾ باهه لڳڻ جي واقعي جي جاچ لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي. ڪراچي جي شاپنگ مال ۾ لڳل باهه 11 ڄڻن کان حياتيون کسي ورتيون. عمارت ۾ ڦاٿل ماڻهن کي ٻاهر ڇو نه ڪڍيو ويو؟ قيمتي حياتين جي نقصان جو ذميوار ڪير آهي؟ هاڻ انهن سڀني سوالن جا جواب ڪميٽي جاچ کان پوءِ ڏيندي. چيف فائر آفيسر چيو آهي ته جنريٽر مان باهه لڳڻ جي خبر صحيح نه آهي. ڇنڇر جي صبح باهه لڳڻ وقت شاپنگ سينٽر ۾ صرف چوٿين فلور تي بجلي استعمال ڪئي پئي وئي. جتي سوفٽ هائوس ۽ ڪال سينٽر موجود آهن. هن چيو ته ٻين منزلن تي بجلي جي فراهمي بند هئي. ريسڪيو اختيارين عمارت  مان هنگامي طور تي ماڻهن کي ٻاهر  نه ڪڍڻ جي نشاندهي ڪئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.