ڪراچي (رپورٽ : حفيظ ڦلپوٽو ) ڪراچي جي ايڊيشنل آءِ جي خادم حسين رند راشد منهاس روڊ تي قائم شاپنگ مال ۾ باهه لڳڻ جي واقعي جي جاچ لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي. ڪراچي جي شاپنگ مال ۾ لڳل باهه 11 ڄڻن کان حياتيون کسي ورتيون. عمارت ۾ ڦاٿل ماڻهن کي ٻاهر ڇو نه ڪڍيو ويو؟ قيمتي حياتين جي نقصان جو ذميوار ڪير آهي؟ هاڻ انهن سڀني سوالن جا جواب ڪميٽي جاچ کان پوءِ ڏيندي. چيف فائر آفيسر چيو آهي ته جنريٽر مان باهه لڳڻ جي خبر صحيح نه آهي. ڇنڇر جي صبح باهه لڳڻ وقت شاپنگ سينٽر ۾ صرف چوٿين فلور تي بجلي استعمال ڪئي پئي وئي. جتي سوفٽ هائوس ۽ ڪال سينٽر موجود آهن. هن چيو ته ٻين منزلن تي بجلي جي فراهمي بند هئي. ريسڪيو اختيارين عمارت مان هنگامي طور تي ماڻهن کي ٻاهر نه ڪڍڻ جي نشاندهي ڪئي آهي.