اسرائيل 48 ڏينهن ۾ 20 سالن جي افغان جنگ کان وڌيڪ ماڻهو ماريا:آمريڪي اخبار

نيويارڪ( م ڊ) اسرائيل قتل ۾ هٽلر ۽ ٻين کان گوءِ کڻي ويو. افغان جنگ جي 20 سالن کان غزا جي 48 ڏينهن ۾ وڌيڪ انسان ذات قتل  ٿي. آمريڪي اخبار نيويارڪ ٽائمز موجب اسرائيل غزا ۾ 48 ڏينهن ۾ 20 سالن کان جاري افغان جنگ کان وڌيڪ شهري ماريا. اسرائيل عراق جنگ جي پهرين سال جي ڀيٽ ۾ 7 هفتن جي هوائي حملن ۾ ٻه ڀيرا وڌيڪ عام شهرين کي ماريو آمريڪي اخبار نيويارڪ ٽائمز موجب اسرائيل غزه ۾ تازي جنگ ۾ شهرين جو تيز ترين قتل عام ڪيو. آمريڪي اخبار موجب غزه جنگ جي پهرين ٻن هفتن ۾ اسرائيل طرفان غزه تي ڪيرايل 90 سيڪڙو بم هڪ هزار کان 2 هزار پائونڊ وزني هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.