موهن جو دڙو مان هٿ آيل سڪن تي ڪنهن جي تصوير آهي؟

موهن جو دڙو (ويب ڊيسڪ) موهن جو دڙو جي ڊائريڪٽر چيو آهي ته قديم آثارن ۽ نوادرات بابت ليبارٽري ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ موهن جو دڙو مان مليل ناياب سڪن جي صفائي جو ڪم جاري آهي.
موهن جو دڙو جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر شاڪر ٻڌايو ته ڪجهه ڏينهن اڳ مليل سڪا ٻين صدي عيسوي جي ڪشان دور جا آهن.
هن ٻڌايو ته سڪن تي ان وقت جي بادشاهه جي تصوير ظاهر ٿيڻ شروع ٿي وئي آهي پر سڪن جي مدي جو حتمي اندازو هن وقت نٿو لڳائي سگھجي.
ڊاڪٽر شاڪر جو چوڻ هو ته ٽيسٽ مڪمل ٿيڻ کان پوءِ حتمي طور تي ناياب سڪن جي مدي جو اندازو لڳائي سگھبو.
واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ موهن جي دڙي جي ڀت مان 5 ڪلو کان وڌيڪ قديم سڪن جو مٽ هٿ آيو هو.
ڊاڪٽر شاڪر ٻڌايو ته موهن جو دڙو جي ڀت جي مرمت دوران پتل جا سڪا مليا.
شاڪر شاهه موجب قديم آثارن جي دريافت مان هڪ صدي کان پوءِ وڏي انگ ۾ سڪا پهرين ڀيرو هٿ آيا آهن.
هن وڌيڪ ٻڌايو ته ڀت مان هٿآيل سڪن کي موهن جو دڙو ليبارٽري منتقل ڪيو ويو آهي، ان کان اڳ 1922ع ۾ کوٽائي دوران 360 سڪا هٿ آيا هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.