چانهه جي شوقينن لاءِ بري خبر، پتي مهانگي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) چانهه جي شوقينن لاءِ بري خبر آهي، پتي جي قيمت ۾ تيزيءَ سان واڌ ٿي وئي آهي.

خانگي ٽي وي موجب گذريل سال جي ڀيٽ ۾ چانهه جي پتي جي اگهه ۾ 20 کان 30 سيڪڙو واڌ ٿي آهي.

مارڪيٽ ۾ چانهه جون پتيون 1600 رپيا في ڪلو وڪرو ٿي رهيون آهن، ڪجهه سائي چانهه جا برانڊ 1400 رپيا في ڪلو وڪرو ٿي رهيا آهن.

مقامي پتي 1400 کان 1600 رپيا في ڪلو وڪرو ٿي رهي آهي.

هڪ سال ۾ چانهه جو ڪپ 20 رپيا مهانگو ٿي ويو آهي، عام هوٽلن تي چانهه جو ڪپ 70 رپيا ملي رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.