ڏندن ۾ سور گھڻو تڪليف ڏيندڙ هوندو آهي ۽ کائڻ پيئڻ ڏکيو ٿي ويندو آهي.
ڏند جو سور ڪڏهن به اوهان کي پنهنجو شڪار بڻائي سگھي ٿو پر رات جو اهو سور پوڻ ننڊ ڦٽائي ڇڏيندو آهي.
ڏند جو سور رات جو گھڻو تڪليف ڏيندڙ محسوس ٿيندو آهي.
ان جو هڪ ٻيو سبب اهو آهي ته جڏهن ڪو فرد سمهڻ لاءِ چيلهه ڊگھي ڪندو آهي ته رت جو وهڪرو مٿي ڏانهن وڌي ويندو آهي جنهن سان به ڏند جي تڪليف وڌي ويندو آهي.
اهڙيءَ طرح رات جو مصروفيت نه هجڻ سان دماغ جو ڌيان ڏند جي سور ڏانهن هوندو آهي.
پر سٺي ڳالهه اها آهي ته اهڙن طريقن جي کوٽ ناهي جن سان ڪنهن حد تائين رليف ملي سگھي ٿو ۽ فارغ وقت ۾ ڊاڪٽر سان رابطو ڪري سگھجي ٿو.
سور گھٽائيندڙ عام دوائون
مٿي جو سور يا جسماني تڪليف لاءِ دستاب عام پين ڪلر دوا ڏندن جي معمولي سور جي حوالي سان به اثرائتي ثابت ٿي سگھي ٿي، پر تڪليف گھڻي هجي ته ڊاڪٽر سان مشورو ڪري دوا استعمال ڪرڻ گھرجي.
برف کان مدد وٺو
ڪولڊ ڪمپريس جي استعمال سان به ڏند جي تڪليف گھٽائڻ ممڪن آهي.
ان مقصد لاءِ برف جي ٽڪري کي ڪنهن ڪپڙي ۾ ويڙهي چهري يا ڳياڙي جي متاثر حصي تي لڳايو، ائين ڪرڻ سان ان حصي ۾ موجود شريانيون سسي وينديون آهن جنهن سان تڪليف گھٽبي آهي.
مٿو اونچو رکو
مٿي ۾ رت گڏ ٿيڻ سان متاثر فرد کي اضافي تڪليف ۽ سوڄ کي منهن ڏيڻو پئجي سگھي ٿو تنهنڪري مٿي جي هيٺان هڪ يا ٻه اضافي ويهاڻا رکڻ سان تڪليف ۾ ڪافي حد تائين گھٽتائي اچي سگھي ٿي.
نمڪين پاڻي سان گراڙا
لوڻ گڏيل پاڻي سان گراڙا ڪرڻ سان به ڏندن جي تڪليف گھٽجندي آهي پر اهو گھڻو عام گھريلو ٽوٽڪو به آهي.
لوڻ گڏيل پاڻي قدرتي طور تي جراثيم ڪش هوندو آهي جنهن سان سوڄ گھٽبي آهي ۽ متاثر ڏند کي انفيڪشن کان تحفظ ملندو آهي.
گراڙا ڪرڻ سان ڏندن يا مهارن ۾ ڦاٿل کاڌي جا ذرڙا به ٻاهر نڪري ويندا آهن.
هائڊروجن پري آڪسائيڊ
مهارن ۾ سوڄ عام طور تي وات جي ناقص صفائي جو نتيجو هوندو آهي جنهن سان ڏندن جا مسئلا به ٿي سگھن ٿا.
هائڊروجن پري آڪسائيڊ تي ٻڌل مائوٿ واش سان گراڙا ڪرڻ سان مهارن جي سوڄ گھٽائڻ ۾ مدد ملي سگھي ٿي جنهن سان ڏند جو سور به ختم ٿي ويندو آهي.
ان پاڻياٺ کي ڪڏهن به ڳيهڻ جي ڪوشش نه ڪريو ۽ ٻارن تي ڪڏهن به ان کي نه آزمايو.
ڦودني جي چانهه
ڦودني جي چانهه پيئڻ سان به ڏند جي سور ۾ عارضي رليف ملي سگھي ٿو.
محققن موجب ڦودني ۾ اينٽي آڪسائيڊنٽ ۽ جراثيم ڪش مُرڪب موجود هوندا آهن، جڏهن ته مينٿول به متاثر حصي کي سن ڪري ڇڏيندو آهي.
لونگ
لونگ کي ڏندن جي تڪليف گھٽائڻ لاءِ عام استعمال ڪيو ويندو آهي ۽ اهو ان حوالي سان اثرائتو آهي.
ان ۾ موجود Eugenol نالي مرڪب متاثر حصي کي سن ڪري ڇڏيندو آهي.
ان مقصد لاءِ لونگ کي پيسي پاڻي ۾ گڏائي پيسٽ بڻايو ۽ ان پيسٽ کي متاثر ڏند تي لڳايو.
اهڙيءَ طرح هڪ لونگ کي نرمي سان چٻاڙي متاثر ڏند جي ويجهو رکي ڇڏڻ سان به ڏند جي تڪليف ۾ گھٽتائي اچي سگھي ٿي.
اهو طريقيڪار به ٻارن لاءِ موزون ناهي ڇو جو ٿي سگھي ٿو ته هو لونگ ڳهي وڃن.
ٿوم
ٿوم جو استعمال ته هر گھر ۾ ٿيندو آهي ۽ ڪجهه ماڻهو ان کي ڏندن جي تڪليف گھٽائڻ لاءِ به ڪندا آهن.
ان مقصد لاءِ ٿوم جي هڪ ٽڪر کي چٻاڙي متاثر ڏند جي ويجهو ڇڏي ڏيو، جنهن سان سور گھٽجي سگھي ٿو.
جيتوڻيڪ ٿوم جو ذائقو ڪجهه ماڻهن کي پسند ناهي هوندو تنهنڪري اهو طريقيڪار هر فرد لاءِ موزون ناهي.
نوٽ: اهو مضمون طبي رسالن ۾ ڇپيل تفصيلن تي ٻڌل آهي، ان حوالي سان پنهنجي ڊاڪٽر سان به مشورو ڪريو.