ٺيڪيدار کان 5 ڪروڙ رپيا ڦر، ملازم ئي ملوث نڪتا

حيدرآباد (رپورٽر) حيدرآباد ۾ بلڊر کان پنج ڪروڙ رپيا ڦرڻ واري واقعي ۾ ان جا ئي ٽي ملازم جوابدارن جا سهولتڪار نڪتا، ايس ايس پي حيدرآباد  دعويٰ ڪئي آهي ته ايف آءِ اي اهلڪار ظاهر ڪري رقم ڦريندڙ ٻن جوابدارن جو پتو لڳايو ويو آهي، انهن جي گرفتاري جي لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن، بلڊر اشوڪ ڪمار کان پنج ڪروڙ رپيا ڦرڻ جو واقعو قاسم آباد جي ويجهو پيش آيو،ايس ايس پي حيدرآباد امجد شيخ موجب پنج ڪروڙ رپين جي ڦرلٽ ۾ بلڊر اشوڪ ڪمار جي ڊرائيور سميت ٽي ملازم جوابدارن  جا سهولتڪار آهن، ايس ايس پي موجب پاڻ کي ايف آءِ اي جا اهلڪار ظاهر ڪري ڪار کڻي ويندڙ جوابدار هڪ ڪلو ميٽر تائين گاڏي گهمائيندا رهيا ۽ بعد ۾ ڪار جي ڊگي مان پنج ڪروڙ رپيا ڪڍي فرار ٿي ويا،  جوابدارن جو پتو لڳايو ويو آهي، جلد انهن کي گرفتار ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.