حيدرآباد(رپورٽ: حسيب لطيفي) قومپرستن، ترقي پسندن، دانشورن ۽ ليکڪن چيو آھي تھ انتھاپسندي ۽ دھشتگردي ختم ڪرڻي آھي تھ دھشتگردن ۽ انتھاپسندن کي تحفظ ڏيڻ بند ڪيو وڃي، انھن کي ھٿيار طور استعمال ڪرڻ واري سوچ کي ختم ڪرڻو پوندو، سٺو ۽ خراب طالبان يا دھشتگرد وارو اصطلاح استعمال نھ ڪيو وڃي، ساڃاهه وندڙن سنڌ ميوزيم حيدرآباد ۾ رواداري تحريڪ پاران ھڪ ڏينھن واري منعقد ڪيل رواداري فيسٽيول ۾ “انتھاپسندي ۽ دھشتگردي” واري موضوع تي ٿيل ويھڪ دوران ڳالھائيندي ڪيو. جيئي سنڌ محاذ چيئرمين رياض چانڊيو چيو ته سنڌ جو سيڪيولر ۽ قومپرست طبقو انتهاپسندي ۽ دهشتگردي سان مهاڏو اٽڪائيندو رهيو آهي، پاڪستان ۾ مذهبي انتهاپسندي ان ڪري وڌائي وئي ته جيئن مظلوم قومن جي ملڪيت، وسيلن ۽ زمين تي آساني سان قبضو ڪري سگهجي، سنڌ ۾ مدرسن جي انڊسٽري ٺاهي وئي آهي، ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني ان ڪري بھ ناهي ته هتي انتهاپسندن کي کلي ڇوٽ مليل آهي، عوامي تحريڪ جي نائب صدر ايڊووڪيٽ سجاد احمد چانڊيو، ڪامريڊ بخشل ٿلهو، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، پروفيسر امداد چانڊيو، ليکڪ جامي چانڊيو، مسرور شاهه، راڳي سيف سميجو، سيمسن سلامت، آفتاب خانزادو، صحافي ناز سهتو، پنهل ساريو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته رياست انتهاپسندي ۽ دهشتگردي ختم نٿي ڪرڻ چاهي، هتي پئسا وٺي انتهاپسندن ۽ دهشتگردن جون ڪئمپون قائم ڪيون ويون، هن رياست جا ٻھ جا هٿيار آهن، انتهاپسندي ۽ دهشتگردي رياست جي انھن ٻن هٿيارن مان هڪڙو هٿيار آهي، سنڌ انتهاپسندي ۽ دهستگردي کي منهن ڏئي رهي آهي، زمينن ۽ وسيلن تي قبضا ڪرڻ بھ دھشتگردي آھي، سنڌ انتھاپسندي ۽ دھشتگردي کي ھر وقت چئلينج ڪيو آھي، انتهاپسند سوچ جي ڪري پروفيسر نوتن لال کي قيد ڪيو ويو آھي، زوري رنڪل ڪماري ۽ ٻين نياڻين جو جبري مذهب تبديل ڪرائي شاديون ڪرايون ويون، ايڊووڪيٽ رميش گپتا ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو، راواداري ميلي جي ويھڪ جي شروعات گٽار نواز شاھد گٽار جي سرن سان ڪئي، جڏھن تھ ڏياري جي حوالي سان ڏيئا ٻاريي ڪيڪ ڪٽو ويو، صوفي راڳ تي رقص پرفارمنس ڪيون ويون، ڏياري جي گيتن تي رقص ۽ رواداري جي حوالي سان ٽيبلوز پڻ پيش ڪيا ويا.