ٿرڪول تي ڪم اسان شروع ڪيو، حڪومت وٺڻ لاءِ ڪوڙ ناهي ڳالهائبو:نوازشريف

مري(م ڊ) مسلم ليگ (ن) جي قائد ۽ اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته ڪنهن به عهدي يا وزارت عظميٰ جي لالچ ناهي، الله کان هڪ ئي دُعا آهي ته ملڪ جي تقدير بدلي ڇڏي، جهڙيءَ طرح خوشحال ملڪ کي  اُجاڙيو ويو ان مان اسان کي سبق سکڻ جي ضرورت آهي، جيڪڏهن اسان جي دؤر ۾ ٿيل ترقي جي رفتار قائم رهي ها ته ملڪ هن وقت ترقي يافته ملڪن جي صفن ۾ بيٺل هجي ها. ڪالهه هتي مسلم ليگ (ن) جي مقامي تنظيم سان ملاقات ۽ خطاب دوران چيو ته اسان جي اڳوڻي دؤر ۾ به بجلي جو هڪ هڪ ڪارخانو ڏيڍ ڏيڍ سال ۾ مڪمل ڪيو ويو. اسان بجلي جي سسٽم ۾ 15 هزار ميگاواٽ واڌ ڪئي، اسان دير جو شڪار نيلم جهلم منصوبو مڪمل ڪيو. سنڌ ۾ ڪوئلي جي کاڻين کي استعمال ڪري بجلي جا ڪارخانا لڳايا. هن چيو ته چونڊون کٽڻ ۽ حڪومت ۾ اچڻ لاءِ ڪوڙ نه ڳالهائڻ گهرجي. ووٽ وٺي مان ڪجهه نه ڪريان، قوم کي دوکا ڏيان ۽ ماڻهن جون عادتون خراب ڪريان، معاشي ۽ سماجي حالتون خراب ڪريان ته مون کان وڏو ظالم انسان ڪو نه هوندو، هي اسان جو اصول رهيو آهي ته اسان ڳالهائيندا گهٽ آهيون ڪم وڌيڪ ڪندا آهيون. اسان جي دؤر حڪومت کانپوءِ ملڪ جو سمورو ڪلچر خراب ڪيو ويو، اسان جڏهن اقتدار سنڀاليو ته ملڪ جو ڏيوالو ٿيڻ جي قريب هو پر اسان آءِ ايم ايف کان ڇوٽڪارو حاصل ڪيو ۽ معيشت کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ ڪنهن کان هڪ پائي به نه گُهري،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.