پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ اڳوڻو اسپيڪر اسد قيصر ٻيهر گرفتار

پشاور(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي اسپيڪر قومي اسيمبلي اسد قيصر کي ٻيهر گرفتار ڪيو ويو آهي. ان جي ڀاءُ  عاڪف الله موجب اڳوڻي اسپيڪر ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد قيصر کي چارسده پوليس ٻيهر گرفتار ڪيو آهي. ان کان اڳ اينٽي ڪرپشن عدالت اسد قيصر کي ضمانت تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. اڳوڻي اسپيڪر قومي اسيمبلي اسد قيصر تي صوابي جي گجو خان ​​ميڊيڪل ڪاليج جي سامان جي خريداري ۾ ڪرپشن جو الزام آهي. اسد قيصر جي ٻيهر گرفتاري تي پي ٽي آءِ خيبرپختونخواهه جي نائب صدر ظاهر شاهه طور پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر جي ٻيهر گرفتاري افسوسناڪ آهي، اهڙيون گرفتاريون پي ٽي آءِ کي تباهه نه ٿيون ڪري سگهن، اسد قيصر چيئرمين پي ٽي آءِ سان مضبوطي سان گڏ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.