ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ٻه رڪني بئنچ مڇر ڪالوني ۾ ٻن ٽيليڪام ڪمپنيءَ جي ملازمن اسحاق پنهور ۽ ايمن جاويد کي قتل ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، عدالت مڇر ڪالوني ۾ ٽيليڪام ڪمپني ٻن ملازم کي بيدردي سان قتل ڪندڙ ٻن جوابدارن زبير ۽ سعيد جون ضمانت واريون درخواستون رد ڪري ڇڏيون ، جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو چيو ته ڪمپني جي ملازمن کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو، قتل ڪندڙن جون وڊيو به موجود آھي، انھن جوابدارن کي ضمانت ڪيئن ڏجي، مقتولن جي وارثن وڪيل محمد خان شيخ، جمن پنهور ۽ ٻين چيو ته ٽرائل ڪورٽ ۾ ڪيس ۾ هن وقت تائين ايم ايل او جو بيان رڪارڊ ٿي چڪو آھي، جڏھن ته شاھدن جا بيان رڪارڊ نه ٿي سگھيا آهن، جوابدارن ٽيليڪام ڪمپني جي ملازمن کي بيدردري سان قتل ڪيو آھي، ڪراچي شھر ۾ ٻن نوجوانن کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو پر ھن وقت تائين مقتولن جي وارثن کي ھڪ رپيو ناھي ملي سگھيو، مظلومن سان انصاف ٿيڻ گھرجي.