اسلام آباد (م ڊ) چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ ملڪ ۾ ايندڙ سال چونڊن جي تياري جو جائزو ورتو ويو. چيف اليڪشن ڪمشنر جي صدارت هيٺ چونڊن جي تيارين بابت الاس ۾ آگاهي دوران ٻڌايو ته اليڪشن ڪميشن چونڊن لاءِ مڪمل تيار آهي ۽ تڪبندين جي حتمي فهرست 30 نومبر تي ڇاپي ويندي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته اليڪشن ڪميشن سياسي پارٽين جي مشاورت کانپوءِ ضابطا اخلاق جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي جنهن نوٽيفڪيشن ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ جاري ڪيو ويندو. ياد رهي ته اليڪشن ڪميشن 8 فيبروري 2024ع جمعي جي ڏنهن سموري ملڪ ۾ عام چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪيو هو.