ادارا شفاف چونڊون ٿيڻ ڏين، قومي حڪومت جي خواهش آهي:جاويد لطيف

اسلام آباد(بيورو+م ڊ) مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ ميان جاويد لطيف چيو آهي ته ملڪ ۾ عام چونڊون صاف ۽ شفاف ٿيڻ گهرجن، 16 مهينن جي قومي حڪومت جو حصو بڻجڻ جو فيصلو ملڪ کي گهرو ويڙهه کان بچائڻ لاءِ ڪيو، عام چونڊن ۾ 130 کان وڌيڪ سيٽون کڻڻ جي اميد آهي، جڏهن ته ملڪ کي مشڪلاتن مان ڪڍڻ لاءِ قومي حڪومت ٺاهڻ جي خواهش آهي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ميان جاويد لطيف چيو ته بلوچستان مخالف قوتن وانگر بيانو بڻائي عام چونڊن کي تڪراري بڻائڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.