عمران ۽ نواز شريف صوبائي خودمختياري جي خلاف آهن: نثارکهڙو

ڪراچي (  رپورٽر) پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙي چيو آهي ته عمران خان ۽ نواز شريف جي سوچ صوبائي خودمختياري ختم ڪري وفاق کي بادشاهه بڻائڻ واري آهي، ڪجهه قوتون صوبن کي معاشي طور ڪمزور ڪرڻ چاهين ٿيون، ائين ٿيڻ نه ڏنو ويندو، اهڙو اظهار هن ڪالهه پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي اڳواڻي ۾ پارٽي جي يوم تاسيس جي تقريب کي خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. نثار کهڙي وڌيڪ چيو ته پ پ صوبن کي معاشي طور ڪمزور ڪرڻ وارين سازشن کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندي  ڇاڪاڻ ته شهيد ڀٽو 1973ع جو آئين ٺاهيو جيڪو صوبائي خودمختياري جو ضامن آهي. هن وڌيڪ چيو ته صوبن اين ايف سي ايوارڊ ۾ صوبن جو حصو 57 سيڪڙو ۽ وفاق جو حصو 43 سيڪڙو رکيو ويو پر عمران خان وانگر اڄ نواز ليگ به اين ايف سي ۾ صوبن جو حصو گهٽائڻ ۽ وفاق جو حصو وڌائڻ چاهي ٿي. هن چيو ته نواز شريف ماضي ۾ پرويز مشرف سان معاهدو ڪيو ۽ عمران خان کان معافي وٺي ملڪ کان ٻاهر هليو ويو. ماضي ۾ جن پارٽين 18هين ترميم جي حمايت ۾ ووٽ ڏنا اهي هاڻي 18هين ترميم جي خلاف بيٺا آهن،  اسان مطالبو ٿا ڪريون ته نئون اين ايف سي ايوارڊ جاري ڪري صوبن جو حصو 57 سيڪڙو مان وڌائي وفاق جو حصو 43 سيڪڙو مان گھٽايو وڃي.  هن چيو ته ڪراچي ۾ هڪ پارٽي سنڌ ۾ نئون صوبو ٺاهڻ جي ڳالهه ڪري رهي آهي پر سنڌ ۾ ڪڏهن به نئون صوبو نه بڻجندو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.