اسلام آباد(بيورو+م ڊ) سينيٽ ۾ قائد ايوان سينيٽر اسحاق ڊار چيو آهي ته ڪا سياسي جماعت آئين ۾ ترميم چاهي ٿي ته اها ٿيڻ گهرجي، مسلم ليگ (ن) جي منشور ڪميٽيءَ کي 18هين ترميم تي نظرثاني جي ڪا به هدايت ناهي ڪئي وئي. اڱاري ڏينهن سينيٽ اجلاس م خيالن جو اظهار ڪندي اسحاق ڊار چيو ته هڪ خبر شايع ٿي آهي ته مسلم ليگ (ن) جي منشور ڪميٽي کي هدايت ڪئي وئي آهي، ته 18هين ترميم تي نظرثاني لاءِ غور ڪيو وڃي. سينيٽر عرفان صديقي منشور ڪميٽي جو سربراهه آهي. هن ان حوالي سان وضاحت ڪئي آهي ته 2008ع کان 2013ع دوران 18هين ترميم لاءِ تمام گهڻو ڪم ٿيو ۽ ان کان اڳ ميثاق جمهوريت تي به پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) صحيحيون ڪيون هيون. هن چيو ته 1973ع کان 2008ع تائين جي معاملن کي درست ڪرڻ لاءِ ٻنهي ايوانن تي ٻڌل پارلياماني ڪميٽي سينيٽر رضا رباني جي سربراهي ۾ جوڙي وئي. جنهن بعد 18هين ترميم جي منظوري ڏني وئي هئي. اين ايف سي ايوارڊ جي حصي جو تعين به ڪيو ويو هو. ڪنڪرنٽ لسٽ مان ڪيتريون ئي شيون صوبن ڏانهن هليون ويون پر ڏسڻ جي ڳالهه اها آهي ته هاڻي صوبا ان حوالي سان پنهنجي ذميواري نڀائي رهيا آهن يا نه. جڏهن ته مالي وسيلا ته کين منتقل ٿي رهيا آهن. هن چيو ته 18هين ترميم سان ڪنهن کي به ڪو مسئلو ناهي، صوبن کي انساني وسيلن جي ترقي جي حوالي سان پنهنجون ذميواريون پوريون ڪرڻ گهرجن. هن چيو ته اڄ به اسان صحت ۽ ٻين شعبن جي حوالي سان پي ايس ڊي پي فنڊ مختص ڪندا آهيون. جڏهن ته اهو ڪم صوبن کي ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته بلوچستان جي نگران صوبائي وزير تعليم بيان ڏنو آهي ته صوبي ۾ استاد دستياب نه هئڻ جي ڪري 3500 اسڪول اڄ به بند پيل آهن. هن چيو ته مسلم ليگ (ن) جي منشور ڪميٽي کي 18هين ترميم تي نظرثاني جي ڪا به هدايت ناهي ڪئي وئي.