اسلام آباد(م ڊ) سپريم جڊيشل ڪائونسل جسٽس مظهر اڪبر نقوي جي ٻئي شوڪاز نوٽيس تي ٻڌڻي اڄ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.سپريم جڊيشل ڪائونسل جو اجلاس اڄ 3 وڳي سپريم ڪورٽ ۾ ٿيندو. سپريم جڊيشل ڪائونسل جو اجلاس چيف جسٽس آف پاڪستان جي صدارت هيٺ جسٽس مظاهر اڪبر نقوي خلاف داخل شڪايتن تي ٿيو. جسٽس مظاهر سپريم جڊيشل ڪائونسل جي ڪارروائي کي چئلينج ڪيو . جسٽس مظهر اڪبر نقوي کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو ويندو يا نه؟ فيصلو اڄ ڪيو ويندو. ڪالهه سپريم جوڊيشل ڪائونسل جي اجلاس ۾ جسٽس مظهر اڪبر نقوي به شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ پاڪستان بار ڪائونسل ۽ ٻين شڪايت ڪندڙن کي به طلب ڪيو ويو.
ڪراچي: چونڊن لاءِ گهربل اسٽاف ۾ 13 هزار ملازمن جي کوٽ ظاهر
ڪراچي (رپورٽر )ڪراچي ڊويزن ۾ عام چونڊن جي تيارين بابت پهرين اجلاس ۾ چونڊن لاءَ گهربل اسٽاف ۾ 13 هزار ملازمن جي کوٽ ظاهر، ايندڙ جمعي تائين کاتن کي فائنل طور تي انگ پورو ڪرڻ جو وقت ڏنو ويو، تفصيل موجب عام چونڊن جي تيارين بابت گذريل ڏينهن سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ هڪ اعلي سطح اجلاس ٿيو جنهن جي صدارت سيڪريٽري جي اي محمد علي کوسو ڪئي، اجلاس ۾ ڪمشنر ڪراچي جي خاص ماڻهو سميت، سمورا ڊپٽي ڪمشنر ۽ اليڪشن ڪميشن جي اعلي عملدارن پڻ شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ عام چونڊن دوران ملازمن جي ٽارگيٽ 70 هزار مان 57 هزار مختلف کاتن پاران اماڻيل نالن وارين لسٽن ۾ ظاهر ٿيا جڏهن ته مجموعي طور تي 13 هزار اسٽاف جي کوٽ ظاهر ڪئي وئي ،اهڙي صورتحال بابت سيڪريٽري ڳڻتي جو اظهار ڪندي سمورن کاتن کي ايندڙ جمعي تائين هر صورت ۾ وڌيڪ ملازمن جون لسٽون ڏئي انگ پورو ڪرڻ جو الٽيميٽم ڏيندي چيو آهي ته جمعي واري ڏينهن سمورن کاتن کي وڌيڪ ملازمن جون لسٽون پيش ڪيون وڃن ته جيئن انگ پورو ڪري فائنل رپورٽ اليڪشن ڪميشن کي اماڻي وڃي.