ڪراچي(رپورٽر) نگران حڪومت جعلي ليٽر مافيا خلاف ڪريڪ ڊائون جو فيصلو ڪري ورتو، وڏي وزير سان منسوب کاتي بابت بوگس آرڊر ۽ گريڊ هڪ کان چار تائين جُهڙتو ۽ جعلي ٻن ڪوڙن نوٽيفڪيشن واري معامري تي سنڌ حڪومت ايڪشن ۾ اچي وئي آهي، حڪومتي سطح تي پهريون ڀيرو ڪوڙن آرڊرن جي نشاندهي لاءِ سائبر ڪرائيم کي خط لکي جاچ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي ،ان سلسلي ۾سنڌ جو سروسز،جنرل ايڊمنسٽريشن اينڊڪوآرڊينيشن کاتي پاران جاري نوٽيفڪيشن ۾ ڪوڙي ليٽر مافيا جي کان تنگ ٿي ڪري ايڊيشنل ڊائريڪٽر ايف آءِ اي کي خط لکيو ويو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته 6 آڪٽوبر 2023 تي گريڊ هڪ کان چار تائين آرڊر بابت غلط پروپيگنڊا ڪري مڪاني چونڊن ۾ اثر انداز جي ڪوشس ڪئي وئي جڏهن ته 17 آڪٽوبر 2023 تي هڪ جاري ڪوڙي نوٽيفڪيشن عبدالحليم نالي هڪ همراهه پاران نگران وڏي وزير سان منسوب هڪ ڪوڙي ليٽر ۾ پاڻ کي ايڪسائيز۔ انڊسٽريز ۽ ڪوآپريٽو سوسائيٽيز جي کاتن جو نگران صوبائي وزير ظاهر ڪيو جيڪو پڻ هڪ مذاق هئي، اهڙي ڪوڙ کي ظاهر ڪرڻ لاءَ سنڌ حڪومت ڪوڙن ليٽر مافيا خلاف باضابطه جطور تي جانچ لاءَ ايف آئي اي کي خط لکي جانچ جي گهر ڪئي وئي آھي.