اسلام آباد ( م ڊ ) نگران وفاقي ڪابينا ڊپٽي چيئرمين نيب ۽ پراسيڪيوٽر جنرل نيب جي پگهارن ۽ مراعتن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ذريعن موجب ڊپٽي چيئرمين نيب سهيل ناصر لاءِ 15 لک رپيا ماهوار پگهار ۽ مراعتون جڏهن ته پراسيڪيوٽر جنرل نيب سيد احتشام شاهه 16 لک 58 هزار رپيا ماهوار پگهار ۽ ٻين مراعتن جي منظوري ڏني وئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊپٽي چيئرمين نيب کي 500 ليٽر پيٽرول، بجلي، گيس ۽ ٻيو الائونس هڪ هاءِ ڪورٽ جي جج جي برابر ملندو، جڏهن ته پراسيڪيوٽر جنرل نيب کي 600 ليٽر پيٽرول، ڊرائيور سان گڏ گاڏي، بجلي، گيس ۽ ٻيا الائونس سپريم ڪورٽ جي جج جي برابر الائونس ملندا. ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته ڊپٽي چيئرمين نيب ۽ پراسيڪيوٽر جنرل نيب کي به وصولي تي بونس ملندو. ذريعن موجب قانون واري وزارت جي سمري جي سرڪيوليشن ذريعي وفاقي ڪابينا کان منظوري ورتي وئي ۽ چيئرمين نيب نذير احمد جي سفارش تي پگهارن ۽ مراعتن جي منظوري ڏني وئي.