غزا بابت جنگبندي جو معاھدو  اڃان سامھون نه آيو!  

اسرائيل ۽ حماس وچ ۾ جنگبندي جي ڪا عملي شڪل سامھون نھ آئي آھي. بااثر ملڪ ان سلسلي ۾ ڪوشش تھ ڪري رھيا آھن ۽ ڪجهھ ڏينھن کان ٻنھي ڌرين ۾ اھڙي معاھدي جي ويجھيو پھچڻ جون ڳالھيون بھ ٿي رھيون آھي پر ان جو اڃان تائين حتمي اعلان نھ ٿيو آھي.جنگبندي بابت رسمي ڳالھيون تھ ٿينديون رھيون پر ان جي باقاعدي ابتدا  قطر جي ٽياڪڙي سان ٿي.جنھن ۾ پڻ ڌرين جي مخلتف موقف ھئڻ ڪري معاھدي جا تفصيل طئي نھ ٿي سگھيا.ان وچ ۾ اسرائيل جي تبديل ٿيندڙ پاليسي ۽ ان جي جنگ جاري رکڻ واري ارادي جي ڪري بھ دير ٿي آھي.

تازو وائيٽ ھائوس ۽ حماس اڳواڻ اسماعيل ھانيھ پڻ اھڙي قسم جا اشارا ڏئي رھيا آھن،جنھن مان اندازو ٿئي ٿو تھ ڳالھيون اڳتي وڌي رھيون آھن.آمريڪا جو چوڻ آهي ته اسرائيل ۽ حماس غزا ۾ يرغمالين کي آزاد ڪرڻ لاءِ معاهدي جي ويجهو پهچي ويا آهن.وائيٽ هائوس جي ترجمان موجب يرغمالين کي آزاد ڪرڻ جي معاهدي جي ويجهو پهچي ويا آهيون.ٻئي پاسي حماس اڳواڻ اسماعيل هانيھ پڻ اھڙو اشارو ڏنو آهي ته جنگ بندي جو معاهدو ٿي رهيو آهي.هڪ بيان ۾ ھن جو چوڻ آھي تھ حماس قطري ڀائرن ۽ ٽياڪڙين کي پنهنجي موقف کان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته جنگ بندي جي شروعاتي 5 ڏينهن واري عارضي معاهدي ۾ زميني جنگبندي ۽ ڏکڻ غزا ۾ اسرائيلي هوائي حملن کي محدود ڪيو ويندو.ھن وقت غزا ۾ اسرائيلي جارحيت جاري آهي، شهيد فلسطينين جو انگ 13 هزار 300 تائين پهچي ويو آھي.تجويز ڪيل ڊيل تحت ٻارن ۽ عورتن سميت 300 فلسطينين کي اسرائيلي جيلن مان آزاد ڪيو ويندو.ان حوالي سان قطري وزيراعظم چيو آهي ته ڪجهه يرغمالين جي آزادي کانپوءِ عارضي جنگ بندي معاهدي ۾ معمولي مسئلا آهن.وائيٽ هائوس جي ترجمان موجب ڳالهيون آخري مرحلي ۾ آهن ۽ اسان پراميد آهيون پر ھن تفصيل ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس چيو ته اسان شهرين جو موت ڏسي رهيا آهيون، هو جڏهن کان سيڪريٽري جنرل بڻيو آهي، اهڙي ڪنهن به تڪرار جو مثال نٿو ملي.ٻئي پاسي وري صورتحال اھا آھي تھ حماس پاران يرغمالي اسرائيلي شهرين جي آزادي لاءِ ڳالهيون جاري آهن تھ ان وچ ۾  اسرائيلي فوج غزا ۾ فوجي آپريشن کي وڌائڻ جو اعلان ڪيو آهي. اسرائيلي فوج هڪ بيان ۾ چيو آھي تھ حماس خلاف جاري ويڙهه کي وڌايو پيو وڃي.

7 آڪٽوبر تي حماس حملي ڪري 1200 کان وڌيڪ اسرائيلي شهرين کي قتل ۽ 240 ماڻهن کي اغوا ڪيو ھو. ان بعد اسرائيل حماس خلاف وڏو فوجي آپريشن شروع ڪيو.جيڪو اڃان جاري آھي.ھن کان اڳ واشنگٽن پوسٽ ھڪ رپورٽ ۾ ڄاڻايو ھو تھ  اسرائيل ۽ حماس هڪ آمريڪي ٽياڪڙي سان ھڪ معاهدي جي ويجهو پهچي ويا آهن.جنھن ۾ غزا ۾ يرغمال بڻايل عورتن ۽ ٻارن کي آزاد ڪيو ويندو ۽ بدلي ۾ پنجن ڏينهن جي جنگبندي ڪئي ويندي. اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نتن ياهو ان اڳڀرائي بابت چيو ھو تھ  ڪيتريون ئي رپورٽون جيڪي تقريبن 240 ماڻهن مان ڪجهه يا سڀني کي آزاد ڪرڻ جي معاهدي بابت سامهون آيون آهن اهي غلط آهن. .

 

واشنگٽن پوسٽ ھڪ رپورٽ ۾ ڄاڻايو ھو تھ  اسرائيل ۽ حماس هڪ آمريڪي ٽياڪڙي سان ھڪ معاهدي جي ويجهو پهچي ويا آهن.جنھن ۾ غزا ۾ يرغمال بڻايل عورتن ۽ ٻارن کي آزاد ڪيو ويندو ۽ بدلي ۾ پنجن ڏينهن جي جنگبندي ڪئي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.