ٿڪيل هجڻ باوجود ننڊ ڇو ناهي ايندي؟

اڪثر ائين ٿيندو آهي ته گھڻو ٿڪيل هجڻ باوجود ننڊ ناهي ايندي، اوهان پاسا مٽائيندا رهندا آهيو ۽ سٺي ننڊ لاءِ بيچين هوندا آهيون.
هڪ دم بنا ڪنهن سبب ننڊ نه اچڻ جا ڪيترائي سبب ٿي سگھن ٿا.
ننڊ جي ماهر ڊبليو ڪرسٽوفر ونٽر جيڪو ڪتاب ”ننڊ جو حل-اوهان جي ننڊ ڪچي ڇو آهي ۽ ان کي ٺيڪ ڪرڻ جو طريقو“ جو ليکڪ آهي.
ڪرسٽوفر موجب سرڪڪيڊيئن (جيڪو سمهڻ ۽ جاڳڻ جو پيٽرن آهي) 24 ڪلاڪن جي مدي ۾ اسان جي جسم جي هر شيءِ لاءِ اندروني ٽائم ڪيپر جيان هوندو آهي.
اهو نظام جسم جي گرمي پد، ميٽابولزم، هارمونز جنهن ۾ ميلاٽون به شامل آهي ۽ ننڊ آڻڻ آڻڻ لاءِ روشني، اوندهه ۽ اسان جي بائيولوجيڪل ڪلاڪ جو استعمال ڪندو آهي.
هن موجب دماغ ۾ موجود ايس سي اين، ميلاٽونن جي پيداوار کي ڪنٽرول ڪندو آهي ۽ اهو ئي هارمون ننڊ ڪرائڻ ۾ مدد ڪندوآهي. شديد ذهني مونجهارو ۽ پريشاني به اوهان جي ننڊ کي متاثر ڪرڻ جو سبب بڻجي سگهي ٿي.
ٿڪيل هجڻ باوجود ننڊ ڇو ناهي ايندي ان جا مختلف سبب ٿي سگھن ٿا.
ننڊ جو وقت تبديل ٿيڻ
ڪڏهن ڪڏهن اوهان سان ائين ٿيندو آهي جو اوهان بستري تي ويندا آهيو پر ننڊ ناهي ايندي ڇو جو اوهان روز بڻايل ٽائيم ٽيبل کان هٽي ڪري سمهڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون.
ڪم جو وقت تبديل ٿيڻ سبب شفٽن ۾ ڪم ڪندڙن ان ڏکيائي کي منهن ڏيندا آهن.
پريشاني يا ذهني دٻاءُ
اڪثر ذهني پريشاني ۽ ذهني دٻاءُ ننڊ کي ختم ڪري ڇڏيندو آهي ۽ اوهان ٿڪيل هجڻ باوجود سمهي ناهيو سگھندا، ان لاءِ اوهان کي گھرجي ته سمهڻ کان اڳ هر قسم جي سوچ کي گڊ باءِ چئي ڇڏيو ۽ ٿوري ورزش ڪرڻ کان پوءِ سمهڻ جي ڪوشش ڪريو.
ڊجيٽل اوزارن جو بنا ضرورت استعمال
ڊجيٽل اوزار به اوهان جي ننڊ تي ناڪاري اثر وجهندا آهن، سمارٽ فون، ٽي وي وغيرا مان نيري روشني خارج ٿيندي آهي جنهن جون لهرون انساني بائيولوجيڪل گھڙي کي متاثر ڪرڻ جو سبب هونديون آهن. ان ڪري بستري تي وڃڻ کان اڳ ان کان پاسو ڪريو.
سمهڻ کان اڳ ڪيفين جو استعمال
اڪثر ماڻهن جي سمهڻ کان اڳ ٿڪ ختم ڪرڻ لاءِ چانهه يا ڪافي پيئڻ جي عادت هوندي آهي ننڊ نه اچڻ جو اهو به سبب هوندو آهي.
ماهرن موجب سمهڻ کان 6 ڪلاڪ يا ان کان گھٽوقت ۾ 400 ملي گرام ڪيفين جو استعمال اوهان جي ننڊ ۾ نمايان حد تائين گھٽتائي ڪري سگھي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو سياري جي موسم ۾ سمهڻ کان 4 کان 6 ڪلاڪ اڳ ڪيفين جو نه ڪرڻ گھرجي.
رات جو جاڳڻ سبب ننڊ جون ناقص عادتون، اسٽريس، ڊپريشن، ڪيفين جو استعمال، ڊوائيسز جي نيري روشني، ننڊ جي خرابي ۽ ايتري تائين جو خوراڪ به ننڊ تي اثرانداز ٿي سگھي ٿي.
جيڪڏهن اوهان چوندا رهندا آهيو ته ٿڪ آهي پر سمهي نٿو سگھان ۽ روز ننڊ جي حوالي سان پريشان رهندا آهيو ته ڪنهن سٺي ڊاڪٽر کي ڏيکاريو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.