ايل پي جي واهپيدارن لاءِ بُري خبر

لاهور (ويب ڊيسڪ) ايل پي جي ڊيلرز ايسوسيئيشن جي چيئرمين سياري ۾ ايل پي جي جي بحران جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو.
صحافين سان ڳالهائيندي عرفان کوکر چيو ته سياري ۾ ايل پي جي جي بحران جو خدشو آهي، پاڪستان ايندڙ ايل پي جي جا ٻه جهاز سريلنڪا هليا ويا آهن، انهن ذريعي 21 هزار ٽن ايل پي جي اچڻي هئي.
هن چيو ته ملڪ ۾ ڏيڍ لک ٽن ايل پي جي جي ماهوار ضرورت آهي، حڪومت فوري طور تي ان حوالي سان قدم کڻي، ايل پي جي جي کوٽ سان اگهه وڌڻ جو به خدشو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.