16 ڊسمبر کان پيٽرول ۽ ڊيزل ڪيترو سستو ٿيندو؟ ڄاڻيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نگران حڪومت طرفان 16 ڊسمبر کان هڪ ڀيرو ٻيهر پيٽروليم شين جي اگهن ۾ لاٿ جو امڪان آهي.
ذريعن موجب حڪومت طرفان پيٽرول جي قيمت ۾ 13 رپيا في ليٽر تائين، جڏهن ته ڊيزل جي قيمت ۾ 15 رپيا في ليٽر تائين لاٿ جو امڪان آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اوگرا طرفان وفاقي حڪومت کي سمري موڪلي ويندي، جنهن کانپوءِ پيٽروليم شين جي اگهن بابت حتمي فيصلو ڪيو ويندو.
هتي اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته پهرين ڊسمبر تي حڪومت پيٽرول سستو نه ڪيو هو، رڳو ڊيزل جو اگهه گهٽايو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.